اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ثمرقند ۾ افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي چوٿين اجلاس جي موقعي تي ترڪمانستان جي نائب پرڏيهي وزير ويپا حاجيوف سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ويو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. هن رابطن، واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي ج?? شعبي ۾ تعاون ۽ عوامي رابطن کي وڌائڻ جي قدمن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن تاپي گئس پائيپ لائين منصوبي ج?? اه??يت ۽ ان تي ج??د عملدرآمد جي ح??الي سان پنهنجي ج?? پڻ ورجاءُ ڪيو.
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔