اسلام آباد – 10 – ??ار?? (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز اڄ جمعي ڏينهن فيصل آباد ۾ تنظيمي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته مريم نواز اڄ ٻن ڏينهن جي دوري تي فيصل آباد پهچي رهي آهي جتي هوءَ تنظيمي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي. مسلم ليگ (ن) پنجاب جو صدر راڻا ثناءُ الله خان پڻ ساڻس گڏ هوندو. سڀاڻي 11 ??ار?? تي فيصل آباد ۾ پارٽي جو تنظيمي اجلاس ٿيندو جنهن ۾ پارٽي جا مقامي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري شرڪت ڪندا. اجلاس ۾ پارٽي جي تنظيمي ڍ??ن??ي ۽ ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو. هن چيو ته مريم نواز سوشل ميڊيا، عورتن ۽ يوٿ ونگ جي عهديدارن سان پڻ ملاقات ڪندي. واضح رهي ته مريم نواز پهرين فيبروري کان ملڪ گير تنظيمي دورن جي شروعات ڪئي هئي. هوءَ بهاولپور، ملتان، ايبٽ آباد، اسلام آباد، راولپنڊي، سرگوڌا، ساهيوال ڊويزن جا دورا ڪري چڪي آهي.
مريم نواز جمعي تي فيصل آباد ۾ تنظيمي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں