اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته هڪ فاشسٽ ميڊيا جي آزادي جو ٺيڪيدار نه ٿو ٿي سگهي، چار سال ميڊيا جو قتل ڪيو ۽ هاڻي ميڊيا جي آزادي جي ڳالهه تي کيس شرم اچڻ گهرجي، عم??ان خان چار سالن تائين وزارت عظميٰ جي ڪرسيءَ تي ويهي ميڊيا جو قتل ڪندو رهيو. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته انٽرنيشنل ميڊيا واچ عم??ان خان کي فاشسٽ قرار ڏنو آهي. هن چيو ته صحافين جون پاسراٽيون ٽوڙڻ وارو عم??ان خان آهي، صحافين کي اغوا ڪرڻ وارو عم??ان خان آهي، ميڊيا جي آزادي کي ڪچلڻ وارو ۽ پارليامينٽ ۾ تالا لڳرائڻ وارو، ميديا کي نيب جي ذريعي ڪنٽرول ڪرڻ وارو، 10 هزار کان وڌيڪ ميڊيا ورڪرز کي بيروزگار ڪرڻ وارو عم??ان خان آهي. هن چيو ته عم??ان خان ميڊيا جو معاشي قتل ڪيو، ميڊيا ۾ ويڇا پيدا ڪيا ۽ ميڊيا کي پريشرائي?? ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته کيس ڏک ۽ افسوس ميڊيا جو نه اي آر وائي جو آهي. مريم اورنگزيب چيو ته عم??ان خان تنهنجو چيف آف اسٽاف تنهنجو بيان ڏي ۽ تون اي آر وائي جي تابعداري ڪرين.
هڪ فاشسٽ ميڊيا جي آزادي جو ٺيڪيدار نه ٿو ٿي سگهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن