اسلا?? آباد – 07 – جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته ڪو به م??اش??و عورتن کانسواءِ ترقي نه ٿو ڪري سگهي، چونڊ قانونن جي حوالي سان عورت ميمبرن جي تجويزن جي آجيان ڪئي ويندي. اسپيڪر پارلياماني وومين ڪاڪس جي اجلاس ۾ خصوصي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هن چيو ته پارلياماني وومين ڪاڪس پوري پاڪستان ۾ عورتن جي ترجماني ڪري رهي آهي. پارلياماني وومين ڪاڪس بنا ڪنهن سياسي وابستگي جي سڄي ملڪ ۾ عورتن جي حقن جي تحفظ جي لا??ِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته ملڪي ترقي جو خواب عورتن جي شموليت کانسواءِ تعبير نه ٿو ٿي سگهي، پاڪستاني عورتن جي زندگي جي سمورن شعبن ۾ شموليت ساراهه جوڳي آهي. عورت پارليامينٽ ميمبرن جي عورتن جي حقن جي لا??ِ قانونسازي جي عمل ۾ شموليت فخر جوڳي آهي. عورتن جي حقن جي لا??ِ دختر جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو جي خدمتن کي وساري نه ٿو سگهجي. هن وقت پارليامينٽ ۾ اهم قانونسازي جو عمل جاري آهي. پارليامينٽ ۾ قانونسازي جي عمل ۾ عورتن جو فعال ڪردار لا??مي آهي. چونڊ سڌارن جي قانونسازي جي لا??ِ عورتن جي تجويزن جي آجيان ڪئي ويندي. ڪاڪس جي سيڪريٽري شاهده ??حم??ني کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. اميد ڪريان ٿو ته شاهده ??حم??ني جي سربراهي ۾ وومين ڪاڪس پنهنجا هدف حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندي. بطور اسپيڪر پارلياماني وومين ڪاڪس جي لا??ِ پنهنجو هر ممڪن تعاون جاري رکندس. ڪاڪس جي سيڪريٽري قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جا ڪاڪس اجلاس ۾ شرڪت تي ٿورا مڃيا. ڪاڪس جي سيڪريٽري قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي ڪاڪس جي هدفن ۽ مق??دن کان آگاهه ڪيو.
ڪو به معاشرو عورتن کانسواءِ ترقي نه ٿو ڪري سگهي، چونڊ قانونن جي حوالي سان عورت ميمبرن جي تجويزن جي آجيان ڪئي ويندي: اسپيڪر راجا پرويز اشرف
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل