انقره – 01 – جون (اي پي پي) پا??ستان ۽ ترڪي بئنڪاري، ڪسٽمز، زراعت ۽ لاجسٽڪس سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي واپار بابت معاملن جي حل لاءِ جامع روڊ ميپ تيار ڪرڻ بابت گڏيل ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ تي ا??فا?? ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف پا??ستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ مصنوعات جي واپار جي معاهدي کي جلدي حتمي شڪل ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان سان مختلف شعبن ۾ ٻطرفي واپار کي فروغ ڏيڻ جا نوان موقعا کلندا، ڪاروباري برادري کي پنهنجا رابطا وڌائڻ گهرجن ۽ گڏيل منصوبن لاءِ نوان موقعا ڳولڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪ واپار واري وزير ڊاڪٽر مهمت موش سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات دوران وزيراعظم پا??ستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ اقتصادي رابطن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ ڪاروباري، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي حقيقي صلاحيتن کي ا??تعمال ۾ آڻڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته سندس ترڪي جي دوري جو مقصد واپاري ۽ سيڙپڪاري رابطن کي مستحڪم بڻائڻ تي ڌيان ڏ??ندي ترڪي جي ڪاروباري برادري سان رابطن کي فروغ ڏيڻ آهي. ٻطرفي واپار کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف شين جي واپار جي معاهدي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي اهميت کي ا??اگر ڪيو، جنهن سان مختلف شعبن ۾ ٻطرفي واپار کي فروغ ڏيڻ جا نوان موقعا کلندا ته جيئن ٻنهي ملڪن جي معيشت کي فائدو ٿئي. وزيراعظم چيو ته پا??ستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ رابطي جي منصوبن خاص طور تي ا??لام آباد – تهران – استنبول (آءِ ٽي ٽي) ڪارگو ٽرين ٻنهي ملڪن جي واپارين کي موثر ۽ تيزي سان ڪاروبار ڪرڻ لاءِ اضافي موقعا ميسر ايندا. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادري کي پنهنجي نيٽ ورڪنگ کي وڌائڻ گهجي ۽ گڏيل منصوبن لاءِ نوان موقعا ڳولڻ گهرجن. ملاقات ۾ ترڪي جي واپار واري وزارت ۽ پا??ستان جي واپار واري وزارت جي تعاون سان هڪ گڏيل ٽاسڪ فورس جوڙڻ تي ا??فا?? ڪيو ويو ته جيئن لاجسٽڪس، بئنڪنگ، ڪسٽمز ۽ زراعت سميت ٻطرفي واپار بابت معاملن جو احاطو ڪرڻ لاءِ هڪ جامع روڊ ميپ تيار ڪري سگهجي. ترڪ پرڏيهي وزير ڊاڪٽر مهمت موش ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي حقيقي صلاحيت جو ادراڪ ڪرڻ تي وزيراعظم سان اتفا?? ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي.
وزيراعظم پاران پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ مصنوعات جي واپار جي معاهدي کي جلدي حتمي شڪل ڏيڻ جي ضرورت تي زور، ان سان مختلف شعبن ۾ ٻطرفي واپار کي فروغ ڏيڻ جا نوان موقعا کلندا: محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی