اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب معيشت جي تباهي، ڊالر جي تاريخي بلندي جو جوابدار عمران خان کي قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان کي ڳنڀير مسئلن جي ڌٻڻ ۾ عمران خان ڌڪيو، اڄ ڊالر جي قدر ۾ اضافي جي ذميداري ع??ران خان تي آهي، ڊالر 193 روپين تي ع??ران خان جي ڪري ويو، آءِ ايم ايف معاهدي تي ع??ران خان صحيحون ڪيون جنهن جي سزا عوام کي مهانگائي جي صورت ۾ ملي رهي آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چوڌري فواد حسين جي بيان تي رد عمل جو اظهار ڪندي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ملڪ ۾ چار سال نالائقن، ??اا??لن، ڪارٽلز ۽ عمران مافيا جي حڪومت جي ڪري معاشي دهشتگردي ڪئي وئي، اڄ ملڪ ۾ معاشي عدم استحڪام عمران خان جي ڪري آهي، پيٽرول جي مد ۾ عمران خان پنهنجي ناڪام سياست کي بچائڻ لاءِ ناقابل تلافي نق??ان ڪيو جيڪو اڄ عوام کي ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته اڄ ??شڪ?? فيصلا ڪيا پيا وڃن ته ان جو ذميدار عمران خان آهي، پنهنجي ع??ام دشمن معاشي ڏوهن کي لڪائڻ لاءِ عمران خان ڪنٽينر تي چڙهيل آهي. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان صاحب سياسي مقصدن لاءِ ملڪ جي معيشت ۽ عوام کي داءُ تي لڳائڻ غداري هوندو آهي، توهان عوام کي مهانگائي ڏني، هاڻي سڀني کان وڌيڪ پاڻ مهانگائي جو شور مچائي رهيو آهي، هن چيو ته عمران خان شور نه مچايو، مهانگائي جو جواب ۽ معاشي تباهي جو حساب ڏيو.
معيشت جي تباهي، ڊالر جي تاريخي بلندي جو جوابدار عمران خان آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر