لاهور – 03 – مئي (اي پي پي) وزيرا??ظم شهب??ز شريف چيو آهي ته ملڪ شديد ترين معاشي خطرن ۾ گهيريل آهي، اسان کي مشڪلاتن جو اندازو آهي ان تي ضابطو آڻڻ حڪومت ۽ ان جي اتحادين جي ??ڏيل ذميواري آهي. وزيرا??ظم محمد شهب??ز شريف عيد جي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ جاتي امراء ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته گڏج?? مسئلن کي حل ڪرڻ جي ??وشش ڪنداسين. هن چيو ته گذريل پوڻا چار سال ۾ اسان کي انتقام جو نشانو بڻايو ويو، شاهد خاقان عباسي، راڻا ثناءُ الله، سعد رفيق، مفتاح اسماعيل، مريم نواز، حمزه شهباز انتقام جو نشانو بڻجندا رهيا، آئون انهن سمورن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي سلام پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته الله جي آڏو دعا آهي ته هي عيد ترقي ۽ خوشحالي جو پيغام کڻي اچي، مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اسان کي الله جي رضا سان گڏ سخت محنت ڪرڻي پوندي. شهب??ز شريف چيو ته ملڪي معيشت کي تباهه ڪيو ويو آهي جلد ئي قوم کي خطاب ڪندس. وزيرا??ظم شهب??ز شريف چيو ته اڄ گلا ڪرڻ جو نه پر ڳلي لڳائڻ جو ڏينهن آهي. هن چيو ته اڄ جو ڏينهن قوم جي هڪ دل ٿيڻ ۽ گڏج?? مسڪرائڻ جو ڏينهن آهي. وزيرا??ظم شهب??ز شريف سمورن پاڪستانين ۽ عالم اسلام کي عيد جي دلي مبارڪباد پڻ ڏني. وزيرا??ظم شهب??ز شريف ۽ پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز جاتي امراء ۾ عيدالفطر جي نماز ادا ڪئي. وزيرا??ظم ۽ وڏي وزير پاران عيد جي نماز کانپوءِ ملڪي سلامتي ۽ استحڪام جي لاءِ خصوصي دعائون ڪيون ويون. شهب??ز شريف ۽ حمزه شهباز عيد جي نماز کانپوءِ ماڻهن سان گلي مليا ۽ عيد جي مبارڪباد ڏني.
ملڪ شديد ترين معاشي خطرن ۾ گهيريل آهي، اسان کي مشڪلاتن جو اندازو آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن