اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين اي آر وائي ??يٽ ورڪ جي باني سي اي او ۽ ڪراچي ??نگ?? جي مالڪ سلمان اقبال کي ستاره امتياز ملڻ تي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته سلمان اقبال پي ايس ايل جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سلمان اقبال جي اڻٿڪ ڪوششن جي ڪري ڪيترائي عالمي رانديگر پاڪستان آيا. هن چيو ته سلمان اقبال پاڪستان ۾ فلمي صنعت جي فروغ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو، اي آر وائي ڊيجيٽل نيٽ ورڪ ڪيت??يو?? ??ي سپر هٽ فلمون ريليز ڪيون. هن چيو ته ڪرڪيٽ جي شعبي ۾ غيرمعمولي خدمتن جي اعتراف ۾ پاڪستان رياست پاران سلمان اقبال کي ستاره امتياز ملڻ هڪ وڏو اعزاز آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته سلمان اقبال ملڪ ۾ راندين جي فروغ لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکندو.
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ