اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) پرڏيه?? وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسان انشاءُ الله بي اعتمادي رٿ جو ڄمي مقابلو ڪنداسين ۽ مخالف ڌر کي شڪست ڏينداسين. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيه?? وزير چيو ته منهنجي بلاول کي گذار?? آهي ته قومي ۽ آئيني ادارن کي سياست ۾ گهيلڻ مناسب نه ??هي?? اسان انشاءُ الله بي اعتمادي رٿ جو مقابلو ڪنداسين ۽ کين شڪست ڏينداسين. هن چيو ته بلاول آرٽيڪل 6 جو ذڪر ڪندو ??هي?? آئين سڀني لاءِ مقدس آهي. پرڏيه?? وزير بلاول کان پڇيو ته جڏهن توهان ۽ توهان جو والد نوٽن جا ٿيلها کڻي ميمبرن جي درن تي وڃي چئي رهيا آهيو ته پنهنجيون وفادارايون تبديل ڪريو ته ڇا اهو حلف کان منهن موڙڻ ناهي؟ آئين جي روح کي توهان ۽ توهان جو والد متاثر ڪري رهيا آهيو، انهن غير آئيني حربن کان پاسو ڪريو. شاهه محمود قريشي چيو ته اهو نه وساريو ته اهڙا ماڻهو به آهن جنهن اسان کي اچي ٻڌايو آهي ته توهان انهن سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪري رهيا آهيو، سياسي ڪارڪن جي حيثيت سان مون ۽ منهنجي پارٽي کي پنهنجي اتحادين تي مڪمل اعتماد ??هي?? اهي ڏاها ماڻهو آهن ۽ هر مشڪل وقت ۾ اسان جو ساٿ ڏنو ۽ اهي مخالف ڌر جي سمورين چالن کي سمجهن ٿا. اهي سب تجربيڪار سياستدان آهن ۽ ڪنهن لالچ ۾ نه ايندا. هن چيو ته پاڪستان جي باشعور عوام سمجهي ٿي ته انهن جي ”ا?? هولي الائنس“ جو انتظام تمام جلد وکري ويندو ڇو ته مخالف ڌر ۾ شامل پارٽين جو ڪو هڪ نظريو ۽ هڪ سوچ نه آهي. پرڏيه?? وزير سوال ڪيو ته ڇا بلاول پيپلزپارٽي جي آئيڊيالوجي کي مولانا جي آئيڊيالوجي ۾ ضم ڪري ڇڏيو ??هي?? ڇو ته ن ليگ جي پنهنجي سوچ آهي جيڪڏهن توهان جو خيال آهي ته مريم نواز مستقبل جي ليڊ?? توهان کي سمجهي ٿي ته اها توهان جي غط فهمي ??هي?? توهان جو نه نظريو، نه قيادت ۽ نه ئي منشور هڪ آهي. هن چيو ته پاڪستان جو هر شعور رکندڙ شهري سمجهي چڪو آهي ته ان ”ا?? هولي الائنس“ جو مقصد عمران خان کي هٽائڻ آهي. ماڻهو ان ڳالهه جي تهه تائين پهچي چڪا آهن ته توهان عمران خان کان ڊنل ڇو آهيو؟ پرڏيه?? وزير چيو ته ڇا ان بي يقيني جي ڪيفيت سان پاڪستان جي معيشت کي فائدو پهچي رهيو ??هي?? ڇا ان بي يقيني جي ڪيفيت سان توهان افغانستان جي ماڻهن جي خدمت ڪري رهيا آهيو، توهان دنيا کي ڪنفوزڊ سنگل ڇو ڏيڻ چاهيو ٿا؟ هن چيو ته مون کي يقين آهي ته کين جلد سخت مايوسي ٿيندي. اسان کي او آءِ سي جي اجلاس جي اهميت جو پتو ??هي?? انشاءُ الله 22 ۽ 23 مارچ تي او آءِ سي پرڏيه?? وزيرن جي ڪائونسل جو 48 هون اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندو. هن چيو ته اڄ وڏيون وڏيون آڇون ڪيون پيون وڃن، ڇا جن کي آڇون ڪيون پيون وڃن اهي توهان جي ماضي کان غافل آهن؟ هن چيو ته مون کي يقين آهي ته انشاءُ الله اهي ناڪام ٿيندا. اهي ٽيهه، 30 هزار روپيا ڏئي ماڻهن کي سنڌ مان آندو، ڇا کڻي آيا ۽ ڇا ڏئي ويا؟
پاڪستان جي باشعور عوام سمجهي ٿي ته مخالف ڌر اتحاد ۾ شامل پارٽين جو ڪو به هڪ نظريو ۽ هڪ سوچ نه آهي، اسان بي اعتمادي رٿ جو مقابلو ڪنداسين: مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis