اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ?? سن?? جي گورنر عمران اسماعيل ۽ سن?? مان پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبرن جو اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي مي??يا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ معاشري جي غريب طبقن جي سهولت لاءِ قومي صحت ڪارڊ، ڪامياب جوان پروگرام ۽ احساس راشن رعايت پروگرام جهڙن تاريخي حڪومتي قدمن تي وزيراعظم کي ساراهيو ويو. ان موقعي تي سن?? جي اسيمبلي ميمبرن وزيراعظم کي درخواست ڪئي ته سن?? جي ماڻهن جي لاءِ به وفاقي فنڊز مان صحت ڪارڊ جاري ڪيو وڃي ڇو ته سن?? جي صوبائي حڪومت ان مقصد جي لاءِ وسيلا رکڻ جي لاءِ تيار نه آهي. وزيراعظم انهن کي يقين ڏياريو ته هو سن?? جي عوام جي مفاد لاءِ ان سلسلي ۾ سمورن ممڪن آپشنز تي غور ڪري حل ڪڍندو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، محمد اڪرم چيما، علي حيدر زيدي، محمد ميان سومرو ۽ وزيراعظم جي خاص معاون ملڪ عامر ڊوگر شرڪت ڪئي. قومي اسيمبلي ميمبرن محمد اڪرم چيما?? آفتاب حسين صديقي، محمد عالمگير خان، سيف الرحمان?? آفتاب جهانگير، محمد اسلم، غزالا سيفي، نصرت وحيد، نزهت پٺاڻ، جئ?? پرڪاش، رميش ڪمار ۽ لال چند مالهي پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ سنڌ مان پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبرن جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے