اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چ??و آهي ??ه نئون پاڪستان قومي صحت ڪارڊ ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو پروگرام آهي، يونيورسل هيلٿ ڪوريج جو نظام ڪيترن ئي ترقي يافته ملڪن ۾ به موجود نه آهي، هيلٿ ڪارڊ جو سڀ کان وڌيڪ فائدو غريب ۽ وچولي طبقي کي ٿي ره??و آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحت جي شعبي جي حوالي سان اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان، صوبائي وزيرن ڊاڪٽر ياسمين راشد ۽ تيمور سليم جهڳڙا شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي وفاق، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ بنيادي صحت جي سهولتن جي فراه??ي، صحت ڪارڊ ۽ جاري منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو ته نئون پاڪستان قومي صحت ڪارڊ پروگرام تحت پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ عوام جو وڏو انگ مفت صحت جي سهولتن مان فائدو کڻي ره??و آهي، حڪومت ملڪ جي پٺتي پيل ضلعن ۾ ٻارن ۾ اسٽنٽڊ گر??ٿ جي تدارڪ جي لاءِ پروگرام جاري ڪري رهي ??هي. ان کانسواءِ ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي بهتري لاءِ پيدائش کانپوءِ ويڪسي نيشن جي مڪمل ٿيڻ تائين ٻارن جي صحت جي مڪمل مانيٽرنگ ڪئي ويندي، ملڪ ۾ نرسنگ جي شعبي جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ حڪومت عالمي معيار جي ٽريننگ جي فراهمي لاءِ قدم کڻي رهي ??هي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته حڪومت جي قدمن جي ڪري ملڪ ۾ جنرل ويڪسي نيشن جي شرح 66 سيڪڙو مان وڌي 76 سيڪڙو ٿي چڪي آهي ??ڏهن ته پنجاب ۾ ان جي شرح وڌي 91 سيڪڙو ٿي وئي آهي ??نهن جي عالمي سطح تي پذيرائي ٿي رهي ??هي. ان کانسواءِ ڪورونا ويڪسي نيشن جي شرح جي حوالي سان پڻ مقرر ڪيل هدف حاصل ڪيا پيا وڃن. وزيراعظم بنيادي صحت جي حوالي سان جاري منصوبن ۽ قدمن تي ترجيحي بنيادن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.
نئون پاڪستان قومي صحت ڪارڊ ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو پروگرام آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن