اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ وڌيڪ صلاحيت وارن شعبن کي مراعتون ڏئي رهي آهي، صنعتي ۽ آءِ ٽي شعبي جي ترقي جي لاءِ حڪومت تاريخي پئڪيج ڏنو، حڪومت ملڪي نظام ۾ ڪاروباري سرگرمين جي لاءِ سهولت وڌائڻ جي لاءِ وڏي پئماني تي سڌارا متعارف ڪرايا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ترجيحي شعبن تحت آءِ ٽي جي شعبي ۾ ڏني ويندڙ مراعتن تي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعطم چيو ته باصلاحيت نوجو??ن فري لانسرز کي سهولتن جي فراهمي سان پرڏيهي ناڻي ۾ اضافو ممڪن ٿيندو، ملڪي آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. اجلاس کي آءِ ٽي اسٽارٽ اپس، صنعتي شعبي ۽ موجوده آءِ ٽي ڪمپنين جي لاءِ موجوده حڪومت جي ڏني ويندڙ سهولتن کي لاڳو ڪرڻ تي تفصيلي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي تازو ئي ڏنل انڊ??ٽر??ل ۽ آءِ ٽي شعبي جي پئڪيج تي عملدرآمد تيزي سان جاري آهي، ملڪ ۾ فري لانسرز جي انگ ۾ حڪومتي قدمن جي ڪري تمام گهڻو اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي، تازو اعلان ڪيل سهولتن جي ڪري ان ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. فري لانسرز جي ون اسٽيپ رج??ٽر??شن پاڪستان ساف?? ويئر ايڪسپورٽ بورڊ پورٽل تان يقيني بڻائي وئي آهي جنهن جي فيڊرل بورڊ آف روينيو کان رج??ٽر??شن پاڻ ئي ٿي ويندي. ان کانسواءِ فري لانسنگ جي ذر??عي ٻاهرئين ملڪ مان حاصل ڪيل رقم جي پاڪستان ۾ آساني سان پهچ جي لاءِ بئنڪنگ چينلز تائين پهچ جي لاءِ اسٽيٽ بئنڪ ترجيحي بنيادن تي قدم يقيني بڻائي رهي آهي. ان کانسواءِ آءِ ٽي ڪمپنين کي حڪومت پاران ڏنل ٽيڪس تي ڇوٽ م??ن فائدو حاصل ڪرڻ جي لاءِ پڻ نظام جلد ٺاهيو ويندو. وڌيڪ اهو ته ڪمرشل بئنڪن ذر??عي منظور ٿيل سهولتن ۽ مراعتن جي يقيني فراهمي جي لاءِ پڻ باقاعده رهنمائي جلد فراهم ڪئي ويندي. وزيراعظم حڪومت پاران اعلان ڪيل سهولتن ۽ مراعتن جي فري لانسرز ۽ آءِ ٽي ڪمپنين ۽ صنعتن کي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدمن تي مقرر مدي ۾ عملدرآمد جي هدايت ڪئي،. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، حماد اظهر، اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي چيئرمين عامر هاشمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر رضا باقر وڊيو لنڪ ذر??عي شريڪ ٿيو.
حڪومت ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ وڌيڪ صلاحيت وارن شعبن کي مراعتون ڏئي رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون