اسلام آباد – 18 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ بحرين گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ سگهه ڏيڻ جي عزم کي ورجائيندي واپا??ي، اقتصادي ۽ سياسي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ ايوان صدر ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ پاڪستا?? جي دوري تي آيل بحري?? جي پارلياماني وفد جي وچ ۾ ملاقات ۾ طئي ٿيو. وفد جي قيادت بحري?? جي نمائندن بابت ڪائونسل جي اسپيڪر فوزيه بنت عبدالله زينل ڪري رهي هئي. صدر بحري?? جي پارلياماني وفد جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ بحري?? جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ بهترين لاڳاپا آه?? جيڪي مذهب ۽ ثقافت جي گڏيل رشتن تي ٻڌل آهن. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان ۾ بحرين کي زراعت، غذائي شين، لائيو اسٽاڪ، ماهيگيري ۽ جراحي اوزار?? جي برآمدات جا وسيع امڪان آهن ۽ ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ واپار جي ڪاٿي کي وڌ??ئڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پرڏيهي سيڙپڪار?? جي لاءِ هڪ پرڪشش جڳهه آهي ڇو ته هتي واپار ۽ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا آهن ۽ بحري?? جي واپاري برادري کي انهن موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي. صدر عارف علوي اسلامو فوبيا جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٻنهي ڀائر ملڪن پاران گڏيل ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن غيرقانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي ظلمن تي پڻ روشني وڌي ۽ عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها پراڻي تڪرار کي گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. صدر ڊاڪٽر عارف علوي بحري?? جي شاهه حمد بن عيسيٰ الخليفه ۽ ولي عهد شهزاده عظميٰ شاهه سلمان بن حمد الخليفه کي پاڪستا?? جي دوري جي دعوت کي ورجايو. هن اسلام آباد ۾ ڪنگ حمد يونيورسٽي آف نرسنگ اينڊ ايسوسيئيٽيڊ ميڊيڪل سائنسز قائم ڪرڻ تي بحرين حڪومت جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي فوزيه بنت عبدالله زينل چيو ته ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ بهتر لاڳاپا آهن ۽ عالمي فورمز تي هڪ ٻئي جي حمايت ڪن ٿا. هن ٻنهي ڀائرن ملڪ?? جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن بحري?? جي بادشاهه ۽ وزيراعظم پاران صدر عارف علوي کي مبارڪباد وارو پيغام پڻ پهچايو. ملاقات ۾ بطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪ?? جي پارليامينٽ?? جي وچ ۾ ٻطرفا رابطا وڌ??ئڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ويو.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان بحرين جي پارلياماني وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ