اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پرڏيهي ڪاروباري ادارن تي پاڪستان جي ڪاروبار دوست پاليسين مان فائدو کڻڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته زراعت، آءِ ٽي، ٽيلي ڪميونيڪيشن، توانائي ۽ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا بي پناهه موقعا موجود آهن، نا??زد سفير پنهنجي ملڪن جي ڪاروباري ادارن کي سيڙپڪاري لاءِ پاڪستان جهڙي پرڪشش منزل طرف متوجهه ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن جاپان، ناروي، پولينڊ ۽ ڪمبوڊيا جي نا??زد سفير سان ڳالهائيندي ڪيو. جاپان جي نا??زد سفير مٽسوهيروواڊا،ناروي جي نا??زد سفير پير البرٽ لساس، پولينڊ جي نا??زد سفير ماسيج پسارسڪي ۽ ڪمبوڊيا جي غير مقيم نا??زد سفير انگ سين صدر مملڪت کي تقريب ۾ پنهنجون پنهنجون سندون پيش ڪيون.ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان دوست ملڪن سان ٻطرفي واپار ۽ واپاري تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، دوست ملڪن سان واپار کي ان جي مڪمل صلاحيت تائين وٺي وڃڻ جي ضرورت اهي، هن چيو ته غير ملڪي ڪاروباري ادارا پاڪستان جي ڪاروبار دوست پاليسين مان فائدو کڻن، زراعت، آءِ ٽي، ٽيلي ڪميونيڪيشن، توانائي ۽ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا بي پناهه موقعا موجود آهن. صدر چيو ته نا??زد سفير پنهنجي ملڪ جي ڪاروباري ادارن کي سيڙپڪاري لاءِ پاڪستان جهڙي پرڪشش منزل طرف متوجهه ڪن. هن سفيرن کي پاڪستان جي ڪورونا ??ي خلاف سمارٽ لاڪ ڊائون جي ڪامياب حڪمت عملي جي باري ۾ آگاهه ڪيو. صدر افغانستان ۾ انساني امداد جي فراهمي تي به زور ڏنو. صدر نا??زد سفيرن کي مبارڪباد ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ??ه سفير سياسي، تجارتي، سفارتي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي وڌ??ڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.
پرڏيهي ڪاروباري ادارا پاڪستان جي ڪاروبار دوست پاليسين مان فائدو کڻن: صدر
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج