دبئي – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته گڏي?? عرب امارات ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، دبئي ايڪسپو 2020ع خطي ۽ ٻين ملڪن کي ملٽي نيشنل ڪمپنين سان رابطن ۽ حصيداري قائم ڪرڻ جو هڪ منفرد موقعو فراهم ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن دبئي ۾ گڏي?? عرب امارات جي وزيراعظم شيخ محمد بن راشد المڪتوم سان ملاقات دوران ڪيو. صدر گڏي?? عرب امارات جي وزيراعظم کي دبئي ايڪسپو 2020ع جي ڪامياب افتتاح تي مبارڪباد ڏني. صدر چيو ته ايڪسپو 2020ع نه رڳو گڏي?? عرب امارات پر پوري خطي جي لاءِ هڪ اهم ايونٽ آهي، دبئي ايڪسپو 2020ع خطي ۽ ٻين ملڪن کي ملٽي نيشنل ڪمپنين سان رابطن ۽ حصيداري قائم ڪرڻ جو هڪ منفرد موقعو فراهم ڪندو. هن گڏي?? عرب امارات جي حڪومت ۽ ايڪسپو مئنيجمينٽ ٽيم جي زبردست ڪوششن کي ساراهيو جيڪي دنيا جي سڀ کان وڌيڪ متنوع ۽ وسيع پئماني تي حصو وٺندڙ نمائش جو اهتمام ڪري رهيا آهن، جيڪا 6 مهينن تائين لڳائي ويندي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي گڏي?? عرب امارات جي وزيراعظم کي پاڪستان پ??يلين بابت ٻڌايو ۽ چيو ته پاڪستان پ??يلين پاڪستان جي لڪل ۽ دريافت ٿيل خزانن جي نمائش ڪندو. صدر اماراتي وزيراعظم کي گڏي?? عرب امارات جي گولڊن جوبلي تقريبن تي پڻ مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته گڏي?? عرب امارات جي قيادت پنهنجي ملڪ کي علائقائي واپ??ر، ٽرانسپورٽ، لاجسٽڪس، ٽيڪنالاجي ۽ سياحت جي مرڪز ۾ تبديل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ شيخ راشد المڪتوم افغانستان جي صورتحال سميت ٻطرفي ۽ علائقائي دلچسپي جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر وزيراعظم کي ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قابض ڀارتي هٿياربند فوج پاران ڪشميري مسلمانن جي بنيادي انساني حقن جي مسلسل ۽ صريحن خلاف ورزين کان پڻ آگاهه ڪيو. صدر گڏي?? عرب امارات ۾ 16 لک پاڪستانين جي ميزباني تي گڏي?? عرب امارات جي قيادت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته گڏي?? عرب امارات ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجائيندي صدر پاڪستان جي گڏي?? عرب امارات سان سمورن شعبن ۾ ويجهي ۽ گهري تعاون جي خواهش کي ورجايو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي گڏي?? عرب امارات جو ٻن ڏينهن جو ٻطرفو دورو ڪري رهيو آهي. گڏي?? عرب امارات جي وزيراعظم سان ملاقات کانپوءِ هن دبئي ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪستان پ??يلين جو باقاعده افتتاح ڪيو.
گڏيل عرب امارات ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن: صدر
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔