اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت آزاد ڪشمير ۾ سياحت جي فروغ لاءِ انفراسٽرڪچر جي بهتري جا قدم کڻي رهي آهي، واديءَ ۾ سياحت جي فروغ سان معاشي ترقي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مو??ب اها ڳالهه هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته آزاد ڪشمير جي ماڻهن کي ص??ت ۽ تعليم جي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ملاقات ۾ آزاد ڪشمير ترقياتي پئڪيج ۽ 5 سالا ترقياتي پلان تي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي وئي. ترقياتي پئڪيج ۾ سياحتي انفراسٽرڪچر، بنيادي ص??ت ۽ تعليم ۽ ايل او سي ويجهو رهندڙ آبادي جي لاءِ منصوبا ??امل آهن.
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ