اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نواز شريف ۽ زرداري جي سياست لوڏا کائي رهي آهي، پي ڊي ايم کانپوءِ (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي سياست جي خاتمي جو وقت نظر اچي رهيو آهي، ڪالعدم پارٽي جو رويو ۽ ڪم اسلامي تعليم، آئين ۽ قانون جي اب??ڙ هو، انهي لاءِ حڪومت ان پارٽي کي ڪالعدم قرار ڏنو، حڪومت وانگر ان ڏس ۾ عدليه ۽ ا??يڪ??ن ڪميشن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، يورپي يونين جي قرارداد پاڪستان جي داخلي معاملن تي اثرانداز نه ٿيندي، وزيراعظم عمران خان واضح ڪيو آهي ته ناموس رسالت ﷺ تي ٺاهه نه ٿو ٿي سگه??، ا??يڪ??ن ڪميشن ٻڌائي ته ڪهڙي طرح يو اي اي ۾ ويٺل شخص جي نالي تي پارٽي رجسٽرڊ ٿي وئي، ڀارت ۾ ا??يڪ??ن مهم جي ڪري ڪورونا وائرس جو ڦهلاءُ وڌيو، اسان جي ا??يڪ??ن ڪميشن کي به ذميواراڻو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو جڏهن ته ضمني ا??يڪ??ن ۾ ڪورونا بچاءُ ايس او پيز تي عمل نظر نه اچي رهيو آهي. هو وزيراعظم آفيس ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته 16 آڪٽوبر 2020ع تي چونڊ سڌارن جو بل ايوان ۾ متعارف ڪرايو ويو، ان بل جي 49 مان 40 نقطن تي سمورين سياسي پارٽين جو اتفاق راءِ هو پر ان کانپوءِ مخالف ڌر پاران ان معاملي کي پٺتي وڌو ويو ۽ چيو ويو ته چونڊ سڌارن بابت وزيراعظم پاڻ نه ٿو چو??، ان تي وزيراعظم قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي خط لکيو جنهن تي اسپيڪر سمورين سياسي پارٽين کي خط لکيو رڳو پيپلزپارٽي نويد قمر کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو، (ن) ليگ سميت ٻين پارٽين جواب نه ڏنو، هاڻي سان سول سوسائٽي، هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيسنز، پريس ڪلبنز سميت هر فورم ۾ وڃي رهيا آهيون ۽ انهن کي مخالف ڌر جي ان اهم معاملي تي غيرسنجيده رويي بابت ٻڌائينداسين.
نواز شريف ۽ زرداري جي سياست لوڏا کائي رهي آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج