اسلا?? آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڪيوبا جي وچ ۾ سياسي سطح تي ٻطرفا لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گهڻ رخي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي سگ??ه ڏيڻ جي لاءِ اهميت رکندڙ آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ ڪيوبا جي سفير گيبريلا ٽائيل ڪاپوتي سان هتي ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن هتي پارليامينٽ هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجوده واپار?? ڪاٿي کي وڌائڻ جي ضرورت آهي ڇو ته ان ۾ بهتري آڻڻ جي گنجائش موجود آهي، هن چيو ته سيڙپڪار?? جا وسيع موقعا موجود آهن ۽ ٻنهي طرفن کان ڪاروباري وفدن کي گڏيل رابطا وڌائڻ گهرجن ته جيئن سيڙپڪار?? جا امڪان ڳ??لي سگهجن، هن چيو ته پاڪستان، ڪيوبا سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگ??ه ڏيڻ جو خواهشمند آهي.
سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا سان پاڪستان ۾ ڪيوبا جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن