اسلام آباد – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت احساس ۽ صحت انصاف ڪارڊ جهڙا پروگرام متعارف ڪرائي عام ماڻهو جي زندگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کنيا آهن. هڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت آسان ڪاروباري قدمن جي ذريعي برآمدي صنعت کي فروغ ڏئي رهي آهي، هن چيو ته سيڙپڪارن جي سهولت جي لاءِ کنيل قدمن سان ان جو اعتماد بحال ٿيو آهي. خصوصي معاون وڌي?? چيو ته اڄ پاڪستان محفوظ هٿن ۾ آهي ڇو ته ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ سول ۽ فوجي قيادت هڪ پيج تي آهن. هن چيو ته بهتر عوامي خ??متن جي فراهمي جي لاءِ قومي ادارن ۾ سڌارا آندا پيا وڃن، ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته جمهوريت ۾ م??ال?? ڌر جو ڪردار تنقيدي ضرور هوندو آهي پر ڄمون ۽ ڪشمير هڪ قومي مسئلو آهي ۽ سمورين م??ال?? ڌرين کي والاريل ڪشمير ۾ ٿين??ڙ انساني حقن جي پائمالين کي دنيا جي اڳيان بي نقاب ڪرڻ لاءِ حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي.
پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت احساس ۽ صحت انصاف ڪارڊ جهڙا پروگرام متعارف ڪرائي عام ماڻهو جي زندگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کنيا آهن: ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس