اسلام آباد – 21 مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ??نيا کي ڀا??ت جي ٻٽي رويي جو نوٽيس وٺڻو پوندو، ڀا??ت نيوزيلينڊ واقعي جي مذمت ته ڪئي پر مسلمان شهيدن ۽ مسجدن جو ذڪر به نه ڪيو، سمجهوتا ايڪسپريس تي دهشتگرد حملي بابت ڀا??تي عدالت جو فيصلو ڀا??ت جي ٻٽي معياري جي عڪاسي ڪري ٿو، چين پاڪستان جو لازوال دوست ۽ جبل وانگر اسان سان گڏ بيٺل آهي، هلندڙ سال چين مان هڪ ارب ڊالر اضافي ايڪسپورٽ متوقع آهي، آمريڪا سان لاڳاپا بهتر ٿي رهيا آهن. پرڏيهي وزارت ۾ اطلاعات واري وزير چوڌري فواد حسين، وزيراعظم جي واپار ۽ سيڙپڪاري واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود ۽ سيڙپڪري بورڊ جي چيئرمين هارون شريف سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته ??مجهوتا ايڪسپريس ۾ شهيد ٿيندڙ بيگناهن جي ذميوار چئن ڏوهارين کي آز??د ڪري ڇڏڻ ا??تهائي ڳڻتي جوڳو آهي.
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج