جده – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اوورسيز پاڪستانين ۾ وڏ?? صلاحيت آهي ۽ اسان انهن ج?? صلاحيتن مان ڀرپور ف??ئدو کڻنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن جده ۾ شاهه فيصل محل ۾ سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستاني واپارين، سيڙپڪارن، ڊاڪٽرز، ٽيچرز، تعليمي ماهرن، انجنيئرن، ڪانٽريڪٽرز ۽ بلڊرز ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته سندس ??ڪو??ت معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جو چئلينج قبول ڪيو آهي. ??ڪو??ت سمورن ڪنسٽرڪشن ڪمپنين کي پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏيندي ۽ تعميراتي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ون ونڊو ذريعي سهولت فراهم ڪندي. هن چيو ته اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ سندس بدعنواني ۽ قبضي گروپن جي خلاف جنگ آهي. ??ڪو??ت اسلام آباد ۾ قبضن جي خلاف مهم شروع ڪئي آهي ۽ هيستائين 300 ار?? رپين جي زمين خالي ڪرائي وئي آهي. هن چيو ته پاڪستان جاگرافيائي، تزويراتي پوزيشن هجڻ سبب ملڪ خوشحال ٿيڻ ج?? صلاحيت رکي ٿو، جيڪڏهن هڪ ڀيرو گورننس جو نظام بهتر ٿي ويو ۽ بدعنواني ۾ گهٽتائي اچي وئي ته ملڪ ترقي ۽ خوشحالي جي نئين راهه تي گامزن ٿي ويندو.
اسلام آباد ۾ 300 ارب رپين جي زمين قبضي کان خالي ڪرائي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب