اسلام آباد – 16 مارچ (اي پي پي) وفاقي گ??رو وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پرويز مشرف جي وطن واپسي جي خاطري تي حڪومتي ادارن کي ڪارروائي کا?? روڪي ڇڏيو آهي، 600 اي سي ايل ڪيسز ڪابينا جي منظوري لاءِ موڪليا ويا آهن، ڪالهه جمعي ڏينهن گ??رو وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب وفاقي گ??رو وزير احسن اقبال صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پرويز مشرف نه آيو ته خصوصي عدالت جي فيصلي تي عملدرآمد شروع ٿي ويندو، هن چيو ته نواز شريف خاندان ۽ اسحاق ڊار جا ??الا اي سي ايل ۾ وجهڻ جو ڪيس ڪابينا ڏانهن موڪليو ويو آهي، سپريم ڪورٽ جي 2016ع جي فيصلي جي روشني ۾ اي سي ايل جي سمورن ڪيسن جي ڪابينا کا?? منظوري لازمي آهي، هن چيو ته چوڌري نثار جي د??ر ۾ طريقيڪار ۾ تبديلي ٿيڻي هئي جيڪا نه ڪئي وئي ۽ پراڻو طريقيڪار جاري رهيو، گ??رو وزير چيو ته چوڌري نثار جي دور جي سمورن ۽ تازن اي سي ايل جي ڪيسن ۾ منظوري ڪابينا کا?? ڪرائي ويندي، هن چيو ته گ??رو وزارت جا ??يصلا ڪٿي ٻي جاءِ تي نٿا ٿين پر آئين ۽ قانون موجب فيصلا ڪيا وڃن ٿا.
پرويز مشرف وطن واپسي جي خاطري ڪرائي آهي: گهرو وزير احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس