اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آ??ي ته حڪومت قبائلي علائقن کي ملڪ جي ٻين حصن جي برابر آڻڻ جي لاءِ ٺوس سڌارا آڻي رهي آهي. اها ڳالهه ايوان صدر ۾ فاٽا سڌار?? تي ڏنل پريزنٽيشن جي صدارت ڪندي چئي. ان موقعي تي قانون وارو وفاقي وزير زاهد حامد، سيفران وارو وفاقي وزير عبدالقادر بلوچ، وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن وارو صلاحڪار سرتاج عزيز، خيبرپختونخواهه جو گورنر اقبال ظفر جهڳڙا ۽ قومي س??امتي وارو صلاحڪار نصير خان جنجوعه پڻ موجود هئا. صدر چيو ته فاٽا ۾ سڌارا قبائلي عوام جي امنگن موجب هجڻ گهرجن. صدر چيو ته قبائلي عوام محب وطن آهي ۽ هن دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ