گڏيل قومون -03 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن غزه ۾ جاري اسرائيلي نسل ڪشي جون ڪارروائيون والاريل اولهندي ڪناري تا??ين پکڙجڻ بابت خبردار ڪندي چيو آهي، ته اسرائيل جي نسل پرستي غزه ۽ اولهندي ڪناري ک?? نشانو بڻايو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق فلسطيني علائقن ۾ گڏيل قومن جي خاص نمائندي فرانسسڪا البا??يز هڪ بيان ۾ چيو آهي، ته اسرائيل طرفان نسل ڪشي جون ڪارروائيون غزه کان اڳتي وڌي والاريل فلسطيني علائقن جي سمورن حصن تا??ين پکڙجي سگهن ٿيون. هن چيو ته اسرائيل کي هڪ ڊگهي عرصي کان ڏنل ڇوٽ والاريل علائقن ۾ فلسطيني شهرين کي ختم ڪرڻ جي اجازت برابر آهي. هن چيو ته فلسطينين کي انهن طاقتن جي رحم و ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي ته جيڪي کين هڪ قومي گروهه طور ختم ڪرڻ چاهين ٿيون. هن عال??ي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها اسرائيل طرفان فلسطينين جي نسل ڪشي کي فوري طور ??وڪ?? لاءِ پنهنجي طاقت ذريعي هر ممڪن ڪوشش ڪري. هن فلسطيني علائقن مان اسرائيلي قبضي جي خاتمي ۽ آبادڪارن طرفان فلسطينين جي زمينن تي قبضي کي ??وڪ?? جو مطالبو ڪيو. واضح رهي ته 7 آڪٽوبر کان پوءِ اولهندي ڪناري ۾ اسرائيل طرفان پرتشدد ڪارروائين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جتي اٽڪل 4 لک 90 هزار اسرائيلي آبادڪار 30 لک فلسطينين وچ ۾ رهن ٿا.
اسرائيل جُون نسل ڪشي واريون ڪارروائيون والاريل فلسطيني علائقن جي سمورن حصن تائين پکڙجي سگهن ٿيون: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار