تهران- 14 فيبروري (اي پي پي) اي??ان جي پارليمان ۽ ان سا جڙيل ني??ز ايجنسي جي ويب سائيٽس کي هيڪرز جو نشانو بڻجڻ کان پوءِ عارضي طور تي بند ڪيو ويو آهي .العربيه جي رپورٽ ايراني پارليمان جي ويب سائٽس تي سائبر حملي جي نتيجي ۾ پارليمان ۽ ان جي ني??ز ايجنسي خانه ملت جي ويب سائٽ کي بند ڪيو ويو آهي اي??ان پا??ان ان سلسلي ۾ جاري بيان موجب ان مسئلي جي سنگيني ۽وسعت بابت ٽيڪنيڪي ٽيم جاچ ڪري رهي آهي ان سائبر حملي جو دعوو هڪ هيڪنگ گروپ ڪيو هيو جنهن کي اپرائزنگ ٽل اووٿرو چيو ويندو آهي اهو گروپ جلا وطن اي??ان مخالف گروپ پيپلز مجاهدين آرگنائزيشن آف اي??ان ( پي اي?? او آئي ) سان وابسته آهي جنهن کي ايراني حڪومت هڪ دهشتگرد تنظيم قرار ڏئي ٿي هڪ بيان ۾ ان گروپ چيو ته ان اي??ان جي پارليمنٽ سان وابسته 600 سرورز کي هيڪ ڪيو ۽ سوين ورڪن جو هيڪ ڪيل مواد پنهنجي ٽيليگرام پيج تي جاري ڪيو اهو سائبر حملو اي??ان ۾ پهرين مارچ تي نئين پارليمنٽ جي چونڊ لاءِ ٿيندڙ ال??ڪشن کان ٽي هفتن کان به گهٽ وقت پهرين ٿيو اي??ان حڪومت سان جڙيل ويب سائٽس ۽ ميڊيا آٽ ليٽس کي گذريل سالن ۾ ڪيترائي سائبر حملا ٿيا . گذريل ڊسمبر ۾ ٿيندڙ سائبر حملن ۾ اي??ان جا 60 سيڪڙو پيٽرول اسٽيشنن کي هدف بڻايو هيو جنهن مان گيس جي سپلائي ۽ وڪرو متاثر ٿيو هيو .
سائبر حملي کانپوءِ ايراني پارليمنٽ، نيوز ايجنسي جي ويب سائٽ بند
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2