رياض -02 آڪٽوبر (اي پي پي) شاهه سلمان رليف اينڊ هيومنٽيريئن سينٽر افغانستان جي صوبي وردڪ جي ضلع ترخ ۾ ٻوڏ متاثر ڪٽنبن ۾ 47 ٽن ۽ 500 ڪلوگرام خوراڪ ورهائي. سعودي خابرو اداري مطابق ان ام??اد مان 3 هزار ماڻهن لاڀ ماڻيو. اها ام??اد افغانستان جي مختلف شهرن ۽ صوبن ۾ ٻوڏ جي تباهڪارين سبب متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ شاهه سلمان رليف سينٽر ذريعي فراهم ڪئي وئي. بئي طرف شاهه سلمان رليف سينٽر يمن جي شبوهه گورنري ۾ صحت مرڪز کي 1570 ڊائلاسز سيشن لاءِ هيمو ڊائيلاسز جي سامان جي هڪ نئين کيپ ب?? په??ائ?? ڇڏي آهي.
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ