اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف واپار واري وزارت جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ نيشنل ايڪسپورٽ ڊيولپمينٽ بورڊ جو اجلاس ايندڙ هفتي گهرائڻ ۽ بلوچستان جي سرحدي ضلعن جي لاءِ روزگار جا پائيدار موقعا وڌائڻ جي لاءِ فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيرا??ظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ واپار واري وزارت جي ڪارڪردگي جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. وزيرا??ظم پنهنجي جاري ڪيل هدايتن جي تعميل تي واپار واري وزارت جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي پاڪستاني روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ نيشنل ايڪسپورٽ ڊيولپمينٽ بورڊ جو اجلاس ايندڙ هفتي گهرائڻ جي هدايت ڪئي. هن بلوچستان جي سرحدي ضلعن جي لاءِ روزگار جا پائيدار موقعا پيدا ڪرڻ ۽ ملائيشيا کي پاڪستاني چانور جي برآمدات وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ قدمن جي پڻ هدايت ڪئي. وزيرا??ظم چيو ته ملائيشيا جي وزيرا??ظم داتوسري انور ابراهيم جي پاڪستان جي تازي دوري ۾ پاڪستان مان ملائيشيا کي چانور جي برآمدات وڌائڻ تي اتفاق ٿيو. هن هدايت ڪئي ته ملڪي روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان ۾ موجود خصوصي اقتصادي زونز کي فعال ڪيو وڃي ۽ انهن ۾ هوٽل، اسپتال، بزنس اسڪول ۽ ٻيون سروسز فراهم ڪيون وڃن. وزيرا??ظم ڪڻڪ، ڪپهه، ڪمند، چانور، کاڄرو تيل ۽ ٻين وڏين فصلن جي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ ڪابينا جي خصوصي ڪميٽي جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي. بيان موجب ڪابينا ڪميٽي وڏين فصلن جي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ ماهرن جي راءِ تي ٻڌل سفارشون پيش ڪندي. اجلاس ۾ وزيرا??ظم کي زرعي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ قدمن جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. وزيرا??ظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته روس سان بارٽر ٽريڊ تحت زرعي جنسن جي واپار جي لاءِ ٻن مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٿي چڪيون آهن، تاجڪستان جي حڪومت پاڪستان سان ٽيڪسٽائي?? جي شعبي ۾ تعاون ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. اجلاس ۾ واپار وا??و وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، اقتصادي معاملن وا??و وفاقي وزير احد خان چيما، وزيرا??ظم جو ڪوآرڊينيٽر راڻا احسن افضل ۽ لاڳاپيل ادارن جا آفيسر شريڪ هئا.
وزيراعظم پاران واپار واري وزارت جي ڪارڪردگي جي واکاڻ، روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ نيشنل ايڪسپورٽ ڊيولپمينٽ بورڊ جو اجلاس ايندڙ هفتي گهرائڻ ۽ بلوچستان جي سرحدي ضلعن جي لاءِ روزگار جا پائيدار موقعا وڌائڻ جي لاءِ فوري قدم کڻڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria