اسلام آباد – 07 ??? ن??مبر (اي پي پي) پرڏيهي آ??يس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف 12 کان 13 نومبر جمهوريه آذربائيجان جي گادي واري شهر باڪو ۾ ڪوپ 29 جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. هفتيوار پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کانسواءِ ڪابينا جا ٻيا ميمبر ۽ لاڳاپيل عملدار وزيراعظم سان گڏ هوندا. ترجمان چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪوپ 29 جي موقعي تي عالمي اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. هن چيو ته باڪو ۾ ڪوپ 29 جو انعقاد هڪ اهڙي وقت ۾ ٿي رهيو آهي جڏهن دنيا ۾ موسمياتي تبديلي سان ڪروڙين ماڻهو متاثر ٿي رهيا آهن.
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa