اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز جي دعوت تي مل??ئي??يا جو وزيراعظم پنهنجي 3 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچي ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف مل??ئي??يا جي وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم جو نور خان ايئربيس پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اسلام آباد پهچڻ تي پاڪ فوج جي دستي مل??ئي??يا جي وزيراعظم کي سل??مي ڏني. مل??ئي??يا جي وزيراعظم کي 21 توپن جي سل??مي ڏني وئي. روايتي لباس پهريل ٻارن مل??ئي??يا جي وزيراعظم کي گل پيش ڪيا. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، ڪامرس وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ وزيراعظم سان گڏ استقبال ۾ شريڪ هئا. مل??ئي??يا جو وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪندو. مل??ئي??يا جو وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم صدر آصف علي زرداري سان پڻ ملاقات ڪندو. دوري دوران پاڪستان مل??ئي??يا ٻطرفي تعاون جي فروغ تي ڳالهه ٻولهه ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ حصيداري جي حوالي سان اهم اڳڀرائي ٿيندي. مل??ئي??يا جي وزيراعظم سان گڏ اعليٰ سطح جي ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن جو وفد پڻ پاڪستان آيو آهي. وفد پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن سان ملاقات ڪندو جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ملندو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون جي لاءِ مل??ئي??يا جو وزيراعظم پاڪستان – مل??ئي??يا بزنس فورم ۾ شرڪت پڻ ڪندو.
ملائيشيا جو وزيراعظم انور ابراهيم پاڪستان جي ٽن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔