راولپنڊي-29 جولاءِ (اي پي پي) گوادر ۾ نام نهاد بلوچ راجي مچي جي آڙ ۾ سيڪيورٽي جي ڊيوٽي تي مقرر فورسز جي اهلڪارن تي حمل?? ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جو جوان شهيد جڏهن ته هڪ آفيسر سميت 16 جوان زخمي ٿي پيا، پاڪ فوج هجوم جي پرتشدد ڪاررواين کي ناقابل قبُول قرار ڏيندي ذميوارن کي ??نصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي عزم کي ورجايو. آءِ ايس پي آر موجب 29 جولاءِ تي نام نهاد بلوچ راجي مچي جي آڙ ۾ هڪ پرتشدد هجوم گوادر ضلعي ۾ سيڪيورٽي تي موجود اهلڪارن تي حمل?? ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ سپاهي شبير بلوچ، عمر 30 سال رهندڙ سبي، شهيد ٿي ويو. ان کانسواءِ مظاهرو ڪندڙن جي بلاجواز ح??لن جي نتيجي ۾ هڪ آفيسر سميت 16 فوجي زخمي ٿيا آهن. ٻئي طرف سوشل ميڊيا تي غير قانوني پرتشدد مارچ لاء?? همدردي ۽ حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ پروپيگنڊا ڪندڙن طرفان ڪوڙيون تصويرون ۽ جعلي وڊيوز جو استعمال ڪندي ڪوڙ ۽ بدنيتي تي ٻڌل پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز اشتعال انگيزي باوجود غير ضروري شهرين جي مارجڻ کان بچائڻ لاءِ انتهائي صبر جو مظاهر?? ڪيو. هجوم جون پرُتشدد ڪارروايون ناقابل قبول آهن ۽ ذميوارن کي ??نصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. سمورن شهرين کي ??پيل ڪئي وڃي ٿي ته اهي پروپيگنڊا جو شڪار نه ٿين، پراسڪون ۽ پرامن رهن ۽ امن امان کي ??رقرار رکڻ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان تعاون ڪن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز قوم سان گڏجي بلوچستان جي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ جي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي.
گوادر ۾ نام نهاد بلوچ راجي مچي جي آڙ ۾ حملي ۾ پاڪ فوج جو جوان شهيد ۽ هڪ آفيسر سميت 16 ڄڻا زخمي ٿي پيا: آءِ ايس پي آر
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ