اسلام آباد- 25 جولاءِ (اي پي پي)صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي ??زير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته فرٽيلائيزر ڪمپنيون ملڪ جي هر ضلعي ۾ هارين جي سهولت ۽ زرعي ترقي ??اءِ ماڊل ??ينٽرن جي شروعات ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ ٿيل فرٽيلائيزر رويو ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. جاري ڪيل بيان موجب اجلاس جو مقصد ملڪ ۾ ڀاڻ جي اسٽاڪ جي دستيابي ۽ اگهن جو جائزو وٺڻ هو. وفاقي ??زير راڻا تنوير حسين چيو ته هارين جي سهولت ۽ زرعي ترقي ??اءِ ڀاڻ ڪمپنين طرفان هر ضلعي ۾ ماڊل ??ينٽر کوليا ويندا ۽ هاري اصل اگهه تي ڀاڻ خريد ڪري سگهندا. حڪومتي قدمن سان ايجنسين ۽ ڊيلرز جو خاتمو ٿيندو. هن چيو ته فوجي فرٽيلائيزر ڪمپني گذريل ڪجهه هفتن دوران ماڊل ??ينٽر جو افتتاح ڪيو آهي. اينگرو فرٽيلائيزر ڪمپني ترجيحي بنيادن تي ماڊل ??ينٽر جي قيام جون تجويزون ڏي. هن وڌيڪ چيو ته ذخيرو ۽ اگهن ۾ ڦيرڦار ڪرڻ تي صوبائي حڪومت کي سخت قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
فرٽيلائيزر ڪمپنيون ملڪ جي هر ضلعي ۾ هارين جي سهولت لاءِ ماڊل سينٽر جي شروعات ڪن: وفاقي وزير راڻا تنوير حسين
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ