اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) ايران جو صدر ڊاڪٽر اب??اه??م رئيسي ٽن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهچي وي??. ا??لام آباد ايئرپورٽ تي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو. پرڏيهي آفيس موجب هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده ۽ ايران ۾ پاڪستان جي سفير مدثر ٽيپو سندس آجيان ڪئي. ايراني صدر سان گڏ سندس گهرواريءَ ۽ پرڏيهي وزير کانسواءِ ڪابينا جي ٻين ميمبرن ۽ اعليٰ عم??دا??ن تي ٻڌل هڪ اعليٰ سطح وفد پڻ گڏ آهي. صدر اب??اه??م رئيسي جو دورو پاڪستان جي اسٽريٽجڪ ايجنڊا پاڪ ايران لاڳاپن جي گهرائي ۽ سگهه جي عڪاسي ڪري ٿو. هو پاڪستان ۾ قيام دوران صدر ۽ وزيراعظم، سينيٽ چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان ملاقاتون ڪندو. هو لاهور ۽ ڪراچي جو پڻ دورو ڪند?? ۽ ??وبائي قيادت سان ملاقاتون ڪندو.
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ