اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي پنهنج?? خطاب ۾ موسمياتي تبديلين جو خاص طور تي ذڪر ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان کي موسمياتي تبديلين جي اثرن خاص طور تي 2022ع جي ٻوڏ سان تباهي کي منهن ڏيڻو پيو، موسمياتي تبديلين جي وڌندڙ خطرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ماحول دوست ۽ موسمياتي طور تي پائيدار بنيادي ڍانچي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي، اه??ي طرح ماحول دوست ۽ صاف توانائي کي نيشنل انرجي مڪس جو بنيادي حصو بڻائڻ جي ضرورت آهي، ماحول دوست توانائي سان اقتصادي ترقي جا موقعا پيدا ٿيندا جنهن ??ان توانائي سستي ٿيندي.
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا