اسلام آباد– 04 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايندڙ 5 سالن ۾ ٽيڪس کي جي ڊي پي جي 15 سيڪڙو تائين وٺي وينداسين، سرڪاري ملڪيت جا ادارا خاص طور تي خساري جو شڪار ادارن جي ??ڌارن ۽ نجڪاري جي ??مل کي تيز ڪيو وڃي، ٻاهرئين قرضن کي ??هٽ ڪرڻ جي ل??ءِ پڻ هڪ ٺوس پلان جوڙي پيش ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ??دارت ۾ اقتصادي شعبي جي ??ڌارن تي اعليٰ سطحي اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن محمد اورنگزيب، احد خان چيما، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، احسن اقبال، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي اوڳاڙين، مالي خساري، پرڏيهي ناڻي جي ??خيرن، مٽاسٽا جي ناڻي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي اوڳاڙين، سبسڊيز، بجلي جي ??عبي جي ??ڌارن سان گڏوگڏ وزيراعظم جي ??ڪومتي خرچن گهٽ ڪرڻ جي ??والي سان هدايتن تي عملدرآمد تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي وزيراعظم هدايت ڪئي ته عامماڻهو تي بار وجهڻ کانسواءِ اوڳاڙين ۾ اضافي جي ل??ءِ ٺوس پلان جوڙي پيش ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته وفاق صوبن کي مضبوط ڪري 18 هين ترميم جون سموريون لاڳاپيل وزارتو?? ۽ ??دارا صوبن جي ??والي ڪندو، مالي خساري کي ??هٽ ڪرڻ جي ل??ءِ خرچن ۾ گهٽتائي ڪئي ويندي، ملڪ جي ??مورن وڏن ايئرپورٽس تي سروسز جي ??هتري جي ل??ءِ نجي ??پريٽرز سان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته سرڪاري قرض ۾ ترتيبوار گهٽتائي، پينش?? ۽ ??بسڊي سڌارن، سرڪاري ملڪيتي ادارن جي ??ڌارن ۽ نجڪاري تي حڪومت جو ڀرپور ??يان آهي، آءِ ايم ايف سان اسٽينڊ باءِ پروگرام جي ??ڪميل خوش آئنده آهي، حڪومت آءِ ايم ايف سان ايندڙ پروگرام جي ل??ءِ پڻ ڀرپور محنت ڪندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اقتصادي شعبي جي ??رقي جي ل??ءِ عالمي شهريت يافته ماهرن جون خدمتون ورتيون وينديون.
ايندڙ 5 سالن ۾ ٽيڪس کي جي ڊي پي جي 15 سيڪڙو تائين وٺي وينداسين: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا