اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته بنيادي صحت جي سهولتن تي هر پاڪستاني جو حق آهي ۽ حڪومت عام ماڻهو جي ان تائين پهچ يقيني بڻائيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن صحت واري عالمي اداري جي پاڪستان ۾ نمائندي ڊاڪٽر پليٿا ماهي پالا سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاق??ت ۾ صحت وارو نگران وفاق?? وزير ڊاڪٽر ??دي?? جان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجُود هئا. ملاق??ت ۾ نگران وزيراعظم صحت جي عالمي اداري ۽ ٻين حصيدارن جا پاڪستان جي صحت واري شعبي ۾ سڌارن ۾ تعاون تي ٿورا مڃيا. ملاق??ت ۾ نگران وزيراعظم صحت جي عالمي اداري پاران سڄي پاڪستان سميت گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ بنيادي صحت مرڪزن جي اپ گريڊيشن جي قدمن تي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاق??ت ۾ نگران وزيراعظم چيو ته صحت جي عالمي اداري جي عطيو ڪيل موبائيل صحت اسپتالن ۽ ايمبولينسز سان بنيادي صحت جون سهولتون عام ماڻهو جي گهرن جي درن تائين پهچايون وي??دي??ن. ڏورانهن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن تائين بنيادي صحت جون سهولتون پهچائڻ جي لاءِ موبائيل هيلٿ يونٽ اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته بنيادي صحت جون سهولتون هر پاڪستاني جو حق آهي ۽ حڪومت عام ماڻهو تائين ان جي پهچ يقيني بڻائيندي. ملاق??ت ۾ نگران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ 464 صحت جي بنيادي مرڪزن جي اپ گريڊيشن جي ميگا پراجيڪٽ تي ڪم ايندڙ ٻن مهينن جي مختصر عرصي ۾ مڪمل ڪيو ويندو. نگران وزيراعظم کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته موبائيل هيلٿ يونٽ نه رڳو ماڻهن کي علاج جون بنيادي سهولتون فراهم ڪندو پر ڊيجيٽل نظام تحت اهو صحت جي يونٽ جي مرڪزي نظام سان ڳنڍيل هوندو ۽ مريضن کي وڏين اسپتالن ۾ ريفر به ڪري سگهندا. بعد ۾ نگران وزيراعظم صحت جي عالمي اداري ۽ قومي صحت وار?? وزارت جي وچ ۾ ليٽر آف انڊراسٽينڊنگ تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. نگران وزيراعظم صحت جي عالمي اداري پاران عطيو ڪيل 5 ايمبولينسز، هڪ موبائيل ڪلينڪ ۽ 2 ويڪسينيشن وينز جو پڻ جائزو ورتو.
بنيادي صحت جي سهولتن تي هر پاڪستاني جو حق آهي ۽ حڪومت عام ماڻهو جي ان تائين پهچ يقيني بڻائيندي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر