اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف انضمام ٿيل فاٽا ضلعن جي لاءِ فوري طور تي ترقياتي فنڊز جاري ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته لاڳاپيل اسڪيمن جي لاءِ فنڊز جي منظوري اي سي سي ۽ ٻين فورمن کان جلد ڪرائي وڃي، حڪومت انضمام ٿيل فاٽا ضلعن جي ترجيحي بنيادن تي ترقي جي لاءِ پرعزم آ??ي. وزيراعظم آ??يس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ا??ڙ?? خيالن جو اظهار هن انضمام ٿيل فاٽا ضلعن جي قومي اسيمبلي ميمبرن جي 5 رڪني وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور، سمنڊ پار پاڪستانين وارو وفاقي وزير ساجد حسين طوري، قومي اسيمبلي ميمبر مولانا جمال الدين، علي وزير، محسن داوڙ کانسواءِ وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ سردار اياز صاد?? پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته حڪومت سڄي ملڪ جي مع??شي طور تي ڪمزور علائقن جي ترقي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وفد وزيراعظم کي لاڳاپيل تڪن جي مسئلن ۽ جاري ترقياتي منصوبن بابت آگاهه ڪيو.
وزيراعظم پاران انضمام ٿيل فاٽا ضلعن لاءِ فوري طور تي ترقياتي فنڊز جاري ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن