اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان جي دوري تي آيل تر??يه جي گهرو وزير سليمان سوئيلو، تر??يه جي ماحوليات، اربنائيزيشن ۽ موسمياتي تبديلي واري وزير مرات ڪورم، تر?? ڊيزاسٽر اينڊ ايمرجنسي مئنيجمينٽ جي چيئرمين، تر?? گهٽ لاڳت هائوسنگ ايجنسي جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ ان سان گڏ وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي همدردي ۽ تعزيت جو اظ??ار ڪرڻ تي صدر رجب طيب اردوان جا دل سان ٿورا مڃيا ۽ ان آفت کي منهن ڏيڻ ۽ هر ممڪن تعاون فراهم ڪرڻ جي لاءِ تر??يه جي پاڪستان سان تعاون جي عزم کي ساراهيو. وزيراعظم ان ڳالهه کي خوش آئنده قرار ڏنو ته صدر اردوان جي فون ڪال جي فوري پوءِ تر??يه ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ خيما، کاڌي پيتي جون شيون، دوائون ۽ هنگامي امدادي سامان جي صورت ۾ پاڪستان کي امداد موڪلي. هيستائين 11 تر?? فوجي جهاز ۽ 2 سامان سان ڀريل ٽرينون پاڪستان روانو ٿي چڪيون آهن. وزيراعظم 2005ع جي زلزلي ۽ 2010ع جي ٻوڏ دوران تر??يه پاران پاڪستان جي لاءِ مدد جو ذڪر ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته تر??يه ۽ پاڪستان هڪ جان ۽ دل آهن ۽ انهن سدائين مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو. وفد کي ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي کان آگاهه ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي ملڪ ۾ غذائي عدم تحفظ جو خطرو آهي ڇو ته ٻوڏ سبب لکين ايڪڙ تي فصل تباهه ٿي ويا آهن. وزيراعظم ٻوڏ کان متاثر انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي مرحلي، ماڻهن جي روزگار جي نقصان، خوراڪ جي کوٽ ۽ سماجي ۽ اقتصادي عدم تحفظ جي ڪري پيدا ٿيندڙ چئلينجن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ تر??يه جي ڀرپور تعاون جي اميد جو اظ??ار ڪيو. تر?? گهرو وزير سليمان سوئيلو پاڪستان ۾ تازي چوماسي ۽ ٻوڏ دوران قيمتي جاني جي زيان ۽ قيمتي ملڪيتن جي تباهي تي صدر اردوان سان دلي تعزيت جو اظ??ار ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته تر??يه ٻوڏ متاثرين کي زميني ۽ فضائي رستن سان امداد فراهم ڪرڻ جو انتظام ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته اڄ جمعي جي نماز دوران تر??يه ۾ ماڻهو پنهنجي پاڪستاني ڀائرن ۽ ڀينرن جي لاءِ دعا ڪندا ۽ وڌيڪ تعاون پڻ فراهم ڪندا. تر?? وزير چيو ته صدر اردوان جي هدايتن موجب تر??يه جي قدرتي آفتن کي منهن ڏيندڙ لاڳاپيل ادارا پاڪستان جي ضرو??تن موجب وڌيڪ مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن. گهرو وزي?? سوئيلو جي قيادت ۾ تر??يه جو وفد ملڪ ۾ تازي ٻوڏ جي ڏس ۾ يڪجهتي ۽ حمايت جي اظ??ار طور پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. وفد ٻوڏ کان متاثر علائقن جو فضائي پڻ دورو ڪندو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ترڪيه جي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ کی تجزیات