اسلام آباد – 04 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ??دارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. ان موقعي تي وزيراعظم سمورن ڪابينا ميمبرن کي ڀليڪار چيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري تفصيل موجب اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا ناڻي ڊويزن جي ??فارش تي سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي سي پي) جي لاءِ ڪروو حسين اينڊ ڪو کي مالي سال 2021 – 2022ع جي ??يڪسٽرنل آڊيٽرز طور مقرري جي منظوري ڏني جڏهن ته ڪابينا کي پاور ڊويزن پاران ملڪ ۾ لوڊشيدنگ تي تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته جون 2022ع جي مهيني ۾ سڄي ملڪ ۾ بجلي جي ڪيپيسٽي پيداوار 23900 ميگاواٽ تائين هئي ۽ ان دوران اهڙا پ??ان??س جيڪي وقت تي مڪمل نه ٿي سگهيا ان جي ڪري چار هزار ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل نه ٿي سگهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بجلي جي پيداواري صلاحيت ۽ پيداوار ۾ فرق هوندو آهي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته پنجاب ٿرمل 1263 تي ڊسمبر 2019ع ۾ مڪمل ٿيڻو هو پر اهو جولاءِ 2022ع ۾ مڪمل ٿيو آهي جنهن ۾ 26 مهينن جي ??ير ٿي آهي. ٿر انرجي مارچ 2021ع ۾ مڪمل ٿيڻو هو جيڪو آگسٽ 2022ع ۾ مڪمل ٿيندو جنهن ۾ 17 مهينن جي ??ير ٿي آهي. اجلاس دوران ٿل نووا 330 ميگاواٽ پراجيڪٽ جي ??يجنڊا به پيش ڪئي وئي جنهن موجب اهو منصوبو مارچ 2021ع ۾ مڪمل ٿيڻو هو جيڪو ڊسمبر 2022ع ۾ مڪمل ٿيندو جنهن ۾ اٽڪل 20 مهينن جي ??ير آهي. اهڙي طرح شنگهائي اليڪٽرڪ پاور 1320 ميگاواٽ جو منصوبو مارچ 2021ع ۾ مڪمل ٿيڻو هو جيڪو ڊسمبر 2022ع ۾ مڪمل ٿيندو، ان ۾ به 20 مهينن جي ??ير آهي جڏهن ته ڪروٽ پاور 720 ميگاواٽ جو پاور پ??ان?? آگست 2021ع تي مڪمل ٿيڻو هو جيڪو جون 2022ع ۾ مڪمل ٿيو آهي جنهن ۾ اٽڪل 10 مهينن جي ??ير ٿي آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي مهينن ۾ برساتن جي ڪري هائيڊل پاور ڪيپيسٽي مڪمل آپريشنل هوندي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته تربيلا ڊيم جي ??طح ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ تربيلا ڊيم مان وڌيڪ 2000 ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ٿي ويندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايل اين جي پ??ان??س وڌيڪ گرمي پد جي ڪري پنهنجي مڪمل صلاحيت موجب ڪم نه ٿا ڪري سگهن. اجلاس کي بجلي جي لوڊشيڊنگ کي منهن ڏيڻ جي ??وا??ي سان اڳتي جي ??ڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئي. ان حڪمت عملي تحت 20 سيڪڙو فيڊرز کي لوڊشيڊنگ فري رکيو پيو وڃي ته جيئن اسپتالن ۽ صنعتن کي بجلي جي فراهمي ۾ تعطل نه اچي. اجلاس ۾ بجلي جي فراهمي دوران ٿيندڙ لائين لاسز جي ??وا??ي سان پڻ بحث ڪيو ويو ۽ اهو اتفاق ڪيو ويو ته لائين لاسز ۾ گهٽتائي جي لاءِ هڪ مڪمل پلان جوڙيو ويندو. ڪابينا پاور سيڪٽر ۾ موجود گردشي قرضن جي ??وا??ي سان ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ اتفاق ڪيو ته گردشي قرضن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ڪوششن ۾ تيزي آندي ويندي. اجلاس دوران وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن اهڙا پراجيڪٽس جيڪي دير جو شڪار آهن وقت تي مڪمل ڪيا وڃن ها ته اسان کي اڄ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو مسئلو درپيش نه هجي ها. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته جيئن ته گذريل حڪومت وقت تي گئس خريد نه ڪئي ان لاءِ اسان کي ٻارڻ سان هلندڙ پاور پ??ان??س جي لاءِ تيل جي ??ريداري ڪرڻي پئي. هن چيو ته اسان هن شديد گرمي ۾ عوام کي لوڊشيڊنگ جي مشڪلاتن ۾ وجهڻ نه ٿا چاهيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف وڌيڪ چيو ته پاور ڊسٽري بيوشن ڪمپنين کي صوبن جي ??وا??ي ڪرڻ جي ??وا??ي سان هڪ تفصيلي پلان جوڙيو وڃي ڇو ته صوبائي حڪومتن وٽ ڊسٽري بيوشن جي ??وا??ي سان بهتر حڪمت عملي ۽ انفورسمينٽ جي ??لاحيت هوندي آهي. وزيراعظم شهباز شريف توانائي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير ??ي هدايت ڪئي ته هو ٻن سڀ کان بهترين ڪارڪردگي وارين ڊسٽري بيوشن ڪمپنين ۽ ٻن سڀ کان خراب ڪارڪردگي وارين ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جو دورو ڪري ۽ انهن ٻنهي ڪمپنين جي ڪارڪردگي جي فرق جي ??وا??ي سان تفصيلي رپورٽ ڪابينا ۾ پيش ڪري. وڌيڪ اهو ته وزيراعظم نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري صلاحڪار طارق بشير ??يما کي اها هدايت ڪئي ته هو ٽيوب ويلز جي ??ولر انرجي ??ي منتقلي جي ??وا??ي سان هڪ پلان جلد کان جلد جوڙي. وزيراعظم Indicative Generation Capacity Expension Plan 2021 – 30 جي ??نرجي مڪس جي ??وا??ي سان ڪيل فيصلي جو ??وا??و ڏيندي چيو ته اڳتي ڪو به امپورٽڊ ٻارڻ تي هلندڙ پاور پ??ان?? نه لڳايو ويندو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي مخاطب ڪندي چيو ته جيڪڏهن توهان بجلي جي لوڊشيڊنگ تي ضابطو آڻي ورتو ته توهان لکين ماڻهن جون دليون کٽي وٺندا، اسان جي ??ڪومت جو مختصر وقت باقي آهي ۽ اسان کي انهي عرصي ۾ بهتري آڻڻي آهي. وزيراعظم پاور ڊويزن کي هدايت ڪئي ته هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي ته ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ جو وقت ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ نه هجي. وفاقي ڪابينا ڪابينا ڊويزن جي ??فارش تي ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي (سي سي ايل سي) جي 29 جون 2022ع تي منعقد اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪئي. جن ۾ انٽيليڪچوئل پراپرٽيز آرگنائيزيشن آف پاڪستان (فنانشل) رولز 2022ع، انٽيليڪچوئل پراپرٽيز آرگنائيزيشن آف پاڪستان (سروس) رولز 2022ع، پبلي ڪيشن آف لاز آف پاڪستان (ترميمي) بل 2022ع ۽ قومي احتساب بيورو (ترميمي) بل 2022ع شامل هئا. وڌيڪ اهو ته وفاقي ڪابينا ڪابينا ڊويزن جي ??فارش تي پرائيويٽائيزيشن بابت ڪابينا ڪميٽي جي 24 جون 2022ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل هيٺ ڏنل فيصلن تي غور ڪيو ويو. جن ۾ ليگل فريم ورڪ فار گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ (جي ٽو جي) ڪمرشل ٽرانزيڪشنز جي ??وا??ي سان دفاع واري وفاقي وزير خواجه آصف جي ??ربراهي ۾ ٽاسڪ فورس قائم ڪئي وئي. ان کانسواءِ پاڪستان اسٽيل ملز جي ??حالي جي ٽرانزيڪشنز جي ??وا??ي سان سي سي او پي جي فيصلن جي ??وثيق ڪئي وئي. اهڙي طرح نيشنل پاور پارڪس مئنيجمينٽ ڪمپني (پرائيويٽ) لميٽيڊ جي گورنمينٽ آف پاڪستان ۽ پي ڊي ايف ايل قرضن جي ??ريعي ڪمرشل قرضن جي ??ي ڪيپيٽلائيزيشن جي ??وا??ي سان پڻ ڪابينا جي نجڪاري بابت ڪميٽي جي فيصلن جي ??وثيق ڪئي وئي. اهڙي طرح سروسز انٽرنيشنل هوٽل لاهور جي نجڪاري ۽ بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) ۾ نجي ??عبي جي ??صيداري جي ??وا??ي سان پڻ سي سي او پي جي فيصلن جي ??وثيق ڪئي وئي. وڌيڪ اهو ته ڪابينا گهرو وزارت جي ??فارش تي 4 ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ، 5 ماڻهن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ ۽ 4 کي هڪ ڀيرو اجازت ڏيڻ (او ٽي پي) جي منظوري ڏني. واضح رهي ته ڪابينا اها منظوري سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي 2 ڪيسز ۾ هڪ ڀيرو اجازت ڏيڻ (او ٽي پي) جي منظوري ڏني آهي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : پاور بال کی پیشن گوئی