اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف بڪين ۽ جيري جي اسپتال پاڪستان ڪڊني اينڊ لور انسٽيٽيوٽ (پي ڪي ايل آءِ) لاهور جي بورڊ جي بحالي جو باضابطه حڪم جاري ڪري ڇڏيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڊاڪٽر ??عيد اختر کي آمريڪا مان واپس گهرائي پوءِ پي ڪي ايل آءِ جو چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم شهباز شريف گذريل ڏينهن پي ڪي ايل آءِ جي بورڊ آف گورنرز جي اجلاس جي صدارت ڪئي هئي، چار سال اڳ ڊاڪٽر ??عيد اختر عدالتي ڪارروائي ۽ ٻين مسئلن کانپوءِ آمريڪا واپس هليو ويو هو، ڊاڪٽر ??عيد اختر شهباز شريف پاران جذبو ڏيارڻ تي آمريڪا مان سڀ ڪجهه ڇڏي پاڪستان آيو هو، وزيراعظم شهباز شريف ڊاڪٽر ??عيد اختر کي واپس آڻڻ ۾ ذاتي طور تي ڪردار ادا ڪيو، پي ڪي ايل آءِ گردي ۽ جگر جي پيوندڪاري جو جديد ترين ۽ عالمي معيار رکندڙ اولين ادارو آهي، ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شر??ف وڏي وزير طور اهو منصوبو جگر ۽ گردي جي مريضن کي ٻاهرين ملڪ علاج جي مهانگي خرچن ۽ سفري وقت بچائڻ لاءِ ب??اي?? هو، عمران خان حڪومت ۾ ان منصوبي کي به سياسي انتقام جو نشانو ب??اي?? ويو هو.
وزيراعظم پاران پي ڪي ايل آءِ لاهور جي بورڊ جي بحالي جو باضابطه حڪم جاري
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں