اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) و??ير??عظم شهباز شريف پوليو جي خاتمي لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي هنگامي بنيادن تي مهم هلائڻ ۽ خيبرپختونخوا جي ڏاکڻي ضلعن خاص طور اتر ۽ ڏکڻ و??ير??تان ۽ بنون تي خصوصي ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن اها هدايت ملڪ جي حساس ضلعن ۾ پوليو جي خاتمي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، صوبائي چيف سيڪريٽريز، متاثر ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنرز ۽ لاڳاپيل اعل??ٰ عملدارن شرڪت ڪئي. و??ير??عظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو پوليو جي خاتمي واري مهم کي سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻيندي هنگامي بنيادن تي هلائين ته جيئن ملڪ مان ان ناسور کي سدائين لاءِ ختم ڪري سگهجي. هن ان سلسلي ۾ ڏکڻ خيبرپختونخوا جي ضلعن خاص طور تي اتر و??ير??تان، ڏکڻ و??ير??تان ۽ بنون تي خصوصي ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي. و??ير??عظم انهن ٻارن ج?? ويڪسينيشن کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي جنهن کي ڪنهن سبب جي ڪري اڄ تائين ويڪسين نه لڳائي سگهي، هن عوام کي بهترين طبي سهولتن ج?? فراهمي يقيني بڻائن ج?? به هدايت ڪئي ته جيئن پوليو جي ڦهلاءُ کي سختي سان روڪي سگهجي. و??ير??عظم پوليو جي پک??ڙ کي روڪڻ لاءِ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي ڊپٽي ڪمشنرز کي پاڪستان ج?? قومي ڏينهن تي قومي هيروز طور پذيرائي ڏيڻ ??ون هدايتون جاري ڪيون.
وزيراعظم جي صدارت ۾ ملڪ جي حساس ضلعن ۾ پوليو جي خاتمي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن