اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قانون واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ٻاهرئين قوتن جي منشا تي پاڪستان تي رجيم بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ??يڪڏهن اسان غيرتمند قوم آهيون ته اهو تماشو نه ٿو هلي سگهي، ??ي اعتمادي جي رٿ آئين جي آرٽيڪل 95 تحت پيش ڪئي وڃي ٿي، ??مومي حالتن ۾ اهو جمهوري ??ق آهي ۽ ان کي تسليم ڪرڻ گهرجي پر هي معاملو بي اعتمادي جو نه آهي، ??رٽيڪل 5 اي جو آهي، ??رٽيڪل فائيو اي تحت رياست سان وفاداري هر شهري ??و فرض آهي، ??رٽيڪل فائيو اي تي چيئر کان رولنگ اچڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اسي??بل?? ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات ۽ قانون واري وفاقي وزير چيو ته 7 مارچ تي اسان جو سفير هڪ آفيشل ميٽنگ ۾ شرڪت ڪري ٿو، ان ۾ ٻئئي ملڪ جا آفيشلز پڻ ويهن ٿا، اسان جي سفير کي ٻڌايو وڃي ٿو ته عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ پيش ڪئي پئي وڃي، 8 مارچ تي بي اعتمادي رٿ اچي ٿي، ??سان کي ٻڌايو وڃي ٿو ته پاڪستان سان اسان جي لاڳاپن جو دارومدار بي اعتمادي رٿ جي ڪاميابي تي آهي، ??يڪڏهن اها بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿئي ٿي ته توهان کي معاف ڪيو ويندو، جيڪڏهن اها ڪامياب نه ٿي ٿئي ته توهان جو ايندڙ رستو تمام سخت هوندو. هن چيو ته بدقسمتي سان ٻاهرئين قوتن جي منشا تي رجيم بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اسان جي ڪجهه اتحادين ۽ پنهنجي 22 ماڻهن جو ضمير به جاڳي وڃي ٿو ۽ معاملا هيستائين پهچي وڃن ٿا. هي معاملو بي اعتمادي جو نه، آرٽيڪل 5 اي جو آهي، ڇ?? 22 ??روڙ ماڻهن جي رياست ايتري ڪمزور آهي جو ٻاهريون طاقتون ويهي هتي حڪ??مت??ن بدلائي ڇڏين؟ ڇا ٻاهرئين ملڪ جي مدد سان پاڪستان ۾ رجيم تبديل ڪري ??گهجي ٿي؟ ڇا اها آئين جي آرٽيڪل 5 جي خلاف ورزي آهي يا نه؟ ڇا پاڪستان جي عوام ڪٺ پتلي آهي؟ ڇا اسان پاڪستانين جي ڪا حيثيت نه آهي؟ ڇا اسان غلام آهيون؟ هن چيو ته ليڊر آف اپوزيشن جي بقول اسان ڀڪاري ??هيون، جيڪڏهن اسان غيرتمند قوم آهيون ته اهو تماشو نه ٿو هلي سگهي. چيئر پاران آرٽيڪل 5 اي تي رولنگ اچڻ گهرجي.
ٻاهرئين قوتن جي منشا تي پاڪستان تي رجيم بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن اسان غيرتمند قوم آهيون ته اهو تماشو نه ٿو هلي سگهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria