اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام جي ??ان ۽ مال جو تحفظ اسان جي ??ولين ترجيح آهي، ملڪ ۾ يونيورسل ايمرجنسي هيلپ لائين مشڪلاتن ۾ ڦاٿل عوام جي لاءِ هنگامي مدد جو اهم ادارو هوندو. وزيراعظم عمران خان جي ??دارت ۾ پاڪستان ايمرجنسي هيلپ لائين (پي اي ??يڇ اي ??يل) 911 جو جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي ??ياسي معاملن واري خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، نيشنل ٽيلي ڪميونيڪشن ڪارپوريشن جي چيئرمين انجنيئر معراج گل، نيشنل انفارميشن ??يڪنالاجي بورڊ جي ??يگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سيد حسنين عباس ڪاظمي ۽ ٻين لاڳاپيل سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي جڏهن ته پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخواهه، بلوچستان، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جا چيف سيڪريٽريز وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا. وزيراعظم عمران خان سمورن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ ان سروس جي ??قيقي شروعات کان اڳ هيلپ لائين جي ??زمائشي ۽ سافٽ لانچ جي ??ريعي ان کي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي فعال بڻائڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن. وزيراعظم کي ان موقعي تي ٻڌايو وي?? ته هنگامي خدمتون فراهم ڪندڙ ادارا فائربرگيد، پوليس، طبي معاونت، قدرتي آفتن کان بحالي ۽ موٽروي پوليس سميت خدمتون فراهم ڪندڙ سمورن 36 انفرادي ايمرجنسي نمبرز کي پاڪستان ايمرجنسي هيلپ لائين 911 ۾ ضم ڪيو وي??دو. ڪو به ضرورتمند شخص 911 تي ڪال ڪندو ۽ ڪال سينٽر ان جي ڪال کي لاڳاپيل حڪومتي ادارن ڏانهن موڪليندو. ڊيجيٽل پاڪستان قدم جي ??صي طور اهو انفارميشن ??يڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن ??زارت ۽ گهرو وزارت جو گڏيل منصوبو آهي. نيشنل ٽيلي ڪميونيڪشن ڪارپوريشن ۽ انفارميشن ??يڪنالاجي وزارت جو نيشنل انفارميشن ??يڪنالاجي بورڊ ان منصوبي کي آساني سان مڪمل ڪرڻ لاءِ ضروري فني معاونت ۽ انفراسٽرڪچر فراهم ڪندو جڏهن ته گهرو وزارت وفاقي ۽ صوبائي سطح تي مختلف ايمرجنسي ريسپانس سروسز جي لاءِ رابطي جي ??ميوار هوندي.
عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ اسان جي اولين ترجيح آهي، ملڪ ۾ يونيورسل ايمرجنسي هيلپ لائين مشڪلاتن ۾ ڦاٿل عوام جي لاءِ هنگامي مدد جو اهم ادارو هوندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ