اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بلوچستان جي علائقي ڪيچ ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن کي خراج عقيدت پ??ش ڪندي چيو آهي ته اسان پاڪستان کي هر قسم جي دهشتگردي کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ پنهنجي عزم تي قائم آهيون. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ عمران خان چيو ته اسان جا بهادر سپاهي اسان کي دهشتگردن کان محف??ظ رکڻ جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پ??ش ڪري رهيا آهن، هن چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻائيندي پنهنجي جانين جو نذرانو پ??ش ڪندڙ 10 جوانن کي خراج عقيدت پ??ش ڪيو، وزيراعظم چيو ته اسان پاڪستان کي هر قسم جي دهشتگردي کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ پنهنجي عزم تي قائم آهيون.
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس