اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته طاقتور کي قانون جو تابع بڻائڻ جهاد آهي، انصاف جي نظام ۾ سڌارن جو مقصد عام ماڻهو کي انصاف فراهم ڪرڻ ۽ طاقتور کي قانون جي تابع آڻڻ آهي، فوجداري قانون نظام ۾ سڌارا قانون جي حڪمراني طرف هڪ وڏو قدم آهي، حڪومت پنهنجو ڪم ڪر?? ڇڏيو آهي هاڻي عدليه ۽ وڪيل فوجداري قانونن ۽ نظام انصاف ۾ سڌارن تي عملدرآمد ڪرائين، ملڪي تاريخ ۾ په??يون ڀيرو علاج جي مفت سهولت جي فراهمي لاءِ هيلٿ ڪارڊ ڏنا پيا وڃن، اليڪشن ۾ اي وي ايم ٽيڪنالاجي آڻي رهيا آهيون، ريڪوڊڪ ڪيس سان پاڪستان کي تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، اوورسيز پاڪستانيز ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني نه هجڻ جي ڪر?? سيڙپڪاري نٿا ڪن، هنن ملڪ ۾ سيڙپڪاري شروع ڪر?? ڇڏي ته ڪنهن جي اڳيان هٿ نه ٽنگڻو پوندو، اسلام واراثت ۾ عورتن جو حق مختص ڪر?? رکيو آهي، هاڻي اهو نٿو ٿي سگهي ته کين جائيداد ۾ حصو نه ملي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن فوجداري قانون ۽ نظام انصاف ۾ سڌارن جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته قانون جي حڪمراني کانسواءِ ڪو به ملڪ ۽ معاشرو ترقي نٿو ڪر?? سگهي، اڄ تائين ڪنهن معاشري انصاف جي نظام ۽ قانون جي حڪمراني کانسواءِ ترقي ناهي ڪئي، اسان جي ملڪ ۾ انصاف جو ن??ام آهستي آهستي اهڙو بڻجندو ويو ته طاقتور ان مان فائدو کڻندو رهيو ۽ ان کي ڪو به پڪڙي نه سگهندو هو جڏهن ته عام ماڻهو سان جيلون ڀريل آهن، انصاف جو ن??ام ٺيڪ نه هجڻ جي ڪر?? قانون جي حڪمراني کي نقصان په??و آهي. تعليم جو ن??ام به خراب ٿي ويو، ڪڏهن سرڪاري اسڪولن جو ن??ام تمام گهڻو سٺو هوندو هو ۽ مشهور دانشور ان مان تعليم حاصل ڪر?? نڪرندا هئا پوءِ ان سان گڏوگڏ پرائيويٽ ۽ انگلش ميڊيم اسڪول جو ن??ام به اچي ويو ۽ اتي هڪ اشرافيه تيار ٿيڻ لڳي جنهن کي ٻين جي ڀيٽ ۾ بهترين نوڪريون ملنديون هيون. اسان جي اسپتالن جي به اها ئي صورتحال رهي ۽ آهستي آهستي اسان جون سرڪاري اسپتالون به پوئتي رهجي ويون. امير طبقي جي علاج لاءِ نجي اسپتال موجود هئا جڏهن ته تمام وڌيڪ امير ماڻهو علاج ڪرائڻ ٻاهر هليا ويندا هئا، وزيراعظم چيو ته فوجداري قانونن ۾ سڌارا په??يون ڀيرو ملڪي تاريخ ۾ ڪيا پيا وڃن، ضابطه ديواني ۾ په??ين اسان اهو ڪم ڪر?? چڪا آهيون ۽ انصاف جي نظام ۾ سڌارن جو مقصد عام ماڻهن کي انصاف فراهم ڪرڻ ۽ طاقتور کي قانون جي تابع آڻڻ آهي.
وزيراعظم چيو ته مدينه جي رياست اها په??ين رياست هئي جنهن دنيا جي تاريخ ۾ هڪ عظيم انقلاب برپا ڪيو ۽ قرارداد مقصد جو ماڊل به مدينه جي رياست ئي هئي جنهن جا ٻه بنيادي اصول هئا، هڪ فلاحي رياست جو قيام ۽ ٻيو قانون جي حڪمراني. ملڪ ۾ په??يون ڀيرو يونيورسل هليٿ ڪوريج ڏني پئي وڃي ۽ عام ماڻهو کي علاج جي لاءِ هيلٿ ڪارڊ فراهم ڪيا پيا وڃن، دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ به اهڙي طرح جو ن??ام موجود نه آهي ۽ اهو فلاحي رياست جي قيام طرف هڪ وڏو قدم آهي جڏهن ته فوجداري قانون ۽ نظام انصاف ۾ سڌارا قانون جي حڪمراني طرف هڪ اهم قدم آهي، هجرت مدينه کانپوءِ مسلمانن په??يان پنج سال ڪيترن ئي مشڪلاتن کي منهن ڏنو پر انهن پنج سالن ۾ قانون جي بالادستي قائم ڪئي وئي. هن چيو ته پاڪستان ۾ عدالتي نظام آهستي آهستي ڪمزور ٿيندو ويو، طاقتور ۽ ڪمزور جي لاءِ ڌار ڌار قانون هئا. هن چيو ته ليگل سسٽم ٺيڪ نه ٿيڻ سان قانون جي حڪمراني ممڪن نه آهي. پاڪستان جي تاريخ ۾ په??يون ڀيرو قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ?? سڌارن جو مقصد عام ماڻهو کي انصاف جي فراهمي يقيني بڻائڻ آهي، ان جو سڀ کان وڏيڪ فائدو عام ماڻهو کي ٿيندو، معاشري ۾ انصاف سان ئي ترقي ٿيندي، ڇاڪاڻ جو طاقتور کي چوري جي سزا ناهي ملندي ۽ ڪمزور ڦاسي ويندو آهي.