اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومي آرڪائيوز جي ڊيجيٽلائيزيشن ۽ تحفظ جي عمل کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته قومي ۽ تاريخي اهميت جي رڪارڊ ۽ دستاويزن کي خاص طور تي مح??وظ بڻايو وڃي جڏهن ته آرڪائيوز جي موثر انتظام جي سلسلي ۾ رهنمائي جي فراهمي جي لاءِ ڪابينا ڊويزن ايڊوائيزري بورڊ جوڙي. هو نيشنل آرڪائيوز آف پاڪستان جي حوالي س??ن اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته نيشنل آرڪائيوز بهتر ۽ جديد بڻائڻ جي لاءِ پي سي ون جي منظوري ڏني وئي آهي. حڪومتي ۽ تاريخي رڪارڊ جي 40 لک صفحن کي ڊيجيٽل ۽ 30000 خستا دستاويزن کي مح??وظ بڻايو ويندو. ان موقعي تي صدر هدايت ڪئي ته تاريخي رڪارڊ جي تحفظ جي عمل کي جلد کان جلد لاڳو ڪيو وڃي. هن چيو ته دستاويز قوم جو قيمتي اثاثو آهن، جن کي ايندڙ نسلن جي لاءِ مح??وظ ۽ ڊيجيٽل بڻائڻ جي ضرورت آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي گزٽ، مغليه دور جي ش??هي حڪمن ۽ آزادي ک??ن اڳ ۽ بعد جا ٻيا اهم دستاويز مح??وظ ڪيا وڃن.
قومي ۽ تاريخي اهميت جي رڪارڊ ۽ دستاويزن کي خاص طور تي محفوظ بڻايو وڃي: صدر
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ