اسلام آباد – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان چيو آهي ته چين پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبو (سي پيڪ) پاڪستان جي معاشي ۽ سماجي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندو، سي پيڪ جي په??ين مرحلي ۾ توانائي ۽ مواصلات جي شعبن تي ڌيان ڏنو ويو، هاڻي صنعت کي فروغ ڏنو پ??و وڃي ۽ زراعت جي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي پئي وڃي، مٽياري کا?? لاهور ٽرانسميشن منصوبي سا?? لائ?? لاسز کي چار سيڪڙو تائين گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي جيڪا په??ين 17 سيڪڙو جي ويجهو هئي. هڪ سيڪڙو لائي?? لاسز جو مطلب اربين روپين جو نقصان آهي جيڪو بجلي جي صارفين کي برداشت ڪرڻو پ??ندو آهي، سي پيڪ پاڪستان جي لاءِ وڏو اهم منصوبو آهي، ان تي ڪم جي رفتار کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو.
??زي??اعظم عمران خان مٽياري کا?? لاهور 660 ڪي وي ٽرانسميش?? لائين منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي اهڙن خيالن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته 886 ڪلوميٽري ڊگهي منصوبي جي سڀ کان وڏي خوبي ان جي جدت آهي ۽ اسٽيٽ آف دي آرٽ منصوبي سان بجلي جي ٽرانسميشن جا لائ?? لاسز 4 سيڪڙو جي ويجهو آهن جڏهن ته ان کان اڳ ملڪ ۾ لائ?? لاسز جي شرح 17 سيڪڙو آهي، هن چيو ته هڪ سيڪڙو لائ?? لاسز جو مطلب اربين روپين جو نقصان آهي ۽ لائ?? لاسز وڌڻ سان سڌو سنئون عوام متاثر ٿيندي آهي ڇو ته اهو لائ?? لاسز عوام کي برداشت ڪرڻا پوندا آهن.
??زي??اعظم چيو ته منصوبي سان بجلي جي پهچ جا نقصان گهٽ ٿيندا ۽ اهو منصوبو تمام جلد پنهنجي قيمت پوري ڪري وٺندو، ??زي??اعظم عمران خان چيو ته سي پيڪ چين جي صدر جو هڪ فليگ شپ پروگرام آهي جنهن تي پاڪستان ۾ تيزي سان ڪم ڪيو پ??و وڃي. هن چيو ته ڪورونا وبا جي ڪري ڪجهه مسئلا درپيش هئا پر هاڻي سي پيڪ منصوبا تيزي سان اڳتي وڌي رهيا آهن، ??زي??اعظم چيو ته سي پيڪ تحت په??ين بجلي جي پيداوار، پوءِ رستن جي تعمير ۽ هاڻي بجلي جي ٽرانسميشن تي ڌيان ڏنو پ??و وڃي، هن چيو ته لائ?? لاسز جي ڪري بجلي موجود هجڻ جي باوجود صارفين تائين سپلائي ۾ مشڪل آهي جيڪو تڪلي?? جو سبب آهي جنهن جو سبب ٽرانسميشن جا مسئلا آهن. ??زي??اعظم چيو ته مٽياري کا?? لاهور 4 هزار ميگاواٽ بجلي جي پهچ جو اهو منصوبو لائ?? لاسز ۾ گهٽتائي جي حوالي سان مددگار ثابت ٿيندو،
هن چيو ته سي پيڪ پاور جنريشن ۽ رستن جي تعمير کانپوءِ هاڻي ٽرانسميشن جي مرحلي تائين پهچي چڪو آهي جنهن کانپوءِ صنعتڪاري تي ڌيان ڏنو پ??و وڃي ته جيئن قومي دولت ۾ اضافي سان ملڪي قرض واپس ڪري سگهجن. هن چيو ته صنعت ۽ زراعت جي شعبن ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان پنهنجي آمدني وڌائي ملڪ جا قرض گهٽ ڪنداسين.
??زي??اعظم عمران خان ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته سي پيڪ منصوبن جي رفتار هاڻي وڌيڪ تيز ٿيندي، ڪورونا وائرس جي وبا سان جيڪي مسئلا درپيش هئا سان جي لاءِ امتحان هئا، هن چيو ته ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري عالمي سطح تي سپلائي چين جو نظام متاثر ٿيڻ جي نتيجي ۾ غذائي مصنوعات جون قيمتون وڌيون آهن جي عارضي آهن. ??زي??اعظم چيو ته ويڪسين جي ذريعي ڪورونا وائرس جي وبا تي ضابطو آندو پ??و وڃي جنهن سان ان جو خوف به گهٽ ٿي رهيو آهي، هن چيو ته سي پيڪ جي منصوبن تي ڪم تيزي ٿيندو ۽ مهانگائي جا عارضي مسئلا به ختم ٿيندا.