اسلام آباد – 02 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان پاران ايف بي آر ۾ سڌارن ۽ معاشي پاليسين جي تسلسل سان ڪاروباري طبقو، صن??تڪار، واپاري ۽ ڪاروباري سرگرمين سان واڳيل سڀ ماڻهو بنا ڪنهن فرق جي فائ??و کڻي رهيا آهن. ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو جولاءِ ۾ 431 ار?? ارب جُون ٽيڪس وصوليُون ٿيُون آهن جيڪي اڄ تائين جي سمورين وصولين کان وڌيڪ آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته جولاءِ 2021ع ۾ ٽيڪس گوشوارن سان گڏ ٽيڪس ادائيگي ۾ 54 سيڪڙو، ڪسٽمز ڊيوٽيز ?? 37 ??يڪڙو، نيٽ روينيو ۾ 36 سيڪڙو، گراس روينيو ۾ 32 سيڪڙو، انڪم ٽيڪس گوشوا??ا جمع ڪرائيندڙن ۾ 30 سيڪڙو ۽ ريفنڊ جاري ڪرڻ ۾ 26.6 سيڪڙو اضافو ٿيو جڏهن ته پاڪستان ڪسٽمز 3.6 ارب جون اسمگل ٿيل شيون ضبط ڪيون.
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات