اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته ايندڙ مالي سال جي بجي?? جو مجموعي ڪاٿو 8487 ارب رپ??ا آهي جيڪو گذريل سال جي 7136 ارب رپين جي بجيٽ کان 19 سيڪڙو وڌيڪ آهي، نئين مالي سال ۾ زراعت جي لاءِ واڌاري جي شرح 3.5 سيڪڙو، صنعت 6.5 سيڪڙو ۽ خدمتن جي شعبي ۾ واڌاري جو هدف 4.7 سيڪڙو مقرر ڪيو پيو وڃي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري پيغامن ۾ هن چيو ته هلندڙ سال زرعي شعبي ۾ رڪارڊ ترقي ٿي آهي ۽ آبادگارن جي آمدني ۾ 32 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، حڪومت ايندڙ مالي سال جي لاءِ واڌاري جو هدف 4.8 سيڪڙو رکي رهي آهي.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی