اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) نوٽ کي ووٽ سان ڀيٽڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آهي، مخالف ڌر جي مفاد ۾ نه آهي ته اليڪشن شفاف ٿئي ۽ ان ۾ پئسن جو اثر رسوخ نه هجي، هو اهڙن ماڻهن کي چونڊرائڻ چاهين ٿا جيڪي اهليت نه رکندا هجن ۽ نه ئي قابليت، انهن جون ترجيحون پنهنجي ڪاروبار کي فروغ ڏيڻ آهي، عوام جي مفادن ۽ حقن جو ٻيڙو وزيراعظم عمران خان کنيو آهي، جيڪو روشني جي قوت آهي، قومي چونڊن ۽ سينيٽ چونڊن جي باري ۾ اسان جو بيانيو ڪافي واضح ٿي ويو آهي ته ڪير ??ٿي بيٺل آهي، پٽ جي وڊيو کا??پوءِ يوسف رضا گيلاني کي ٻي ئي ڏينهن استعيفيٰ ڏيڻ گهربو هو. هو سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير ??وڌري فواد حسين ۽ ڪامياب ٿيندڙ سينيٽر بئريسٽر علي ظفر سان گڏ پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته گذريل ڪيترن ئي هفتن ۽ مهينن کا?? عمران خان ۽ سندس حڪومت ان ڳالهه تي زور ڏئي رهي هئي ته چونڊ عمل شفاف هجڻ گهرجي. هن چيو ته شفاف اليڪشن کا??پوءِ اسان جي ايوان جو تقدس بحال ۽ 1985ع کا?? شروع ٿيندڙ پئسي جي ڪل??ر جو خاتمو ممڪن آهي. پئسن جي ڪلچر سان ايوان ۾ ا??ندڙن جون ترجيحون عوام نه پر پئسو ڪمائڻ هوندو آهي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي اسان جي سياسي ڪلچر کي پئسن سان رنڱي ڇڏيو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان 2015ع کا?? اليڪشن سڌارن جي ڳالهه ڪئي ۽ 2018ع سينيٽ اليڪشن ۾ پنهنجي 20 ميمبرن کي فارغ ڪيو. ان کا?? پهرين يا پوءِ ڪنهن سياسي پارٽي ۾ ائين نه ٿيو. هن چيو ته سينيٽ اليڪشن کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ وزيراعظم سپريم ڪورٽ کا?? رهنمائي وٺڻ، قومي اسيمبلي ۾ بل پيش ڪرڻ ۽ صدارتي آرڊيننس جاري به ڪيو ويو، جيڪڏهن مخالف ڌر پارٽيون به اتفاق ڪري وٺن ها ته اڄ سينيٽ اليڪشن شفاف ٿي سگهن ها.
مسلم ليگ (ن) نوٽ کي ووٽ سان ڀيٽڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آهي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil