اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مسلمان امت متحد ٿي والاريل ڪش??ير مان ڪرفيو هٽائڻ جو مطالبو ڪري، وزيراعظم عمران خان جرئت ۽ بهادري سان ڪشميرين جو وڪيل بڻجي سامهون آ??و، پاڪستان عالمي سطح تي ڀارت جو فاشسٽ، نازي، هٽلر ۽ انتهاپسنداڻو چهرو دنيا آڏو بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، يونيورسٽي جا ش??گر?? ڪرفيو هٽائو مهم جو حصو بڻجن ۽ سوشل ميڊيا ذريعي ان مسئلي کي پوري دنيا تائين پهچائين، يونيورسٽي ۾ ٻاهرئين ملڪ مان آ??ل ش??گر?? اسان جا وڪيل آهن، پرڏيهي ش??گر?? پاڪستان جي بيانيي کي اڳتي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي ۾ والاريل ڪش??ير جي موجوده صورتحال ۽ پاڪستان جي لاءِ امڪان جي عنوان هيٺ عالمي سيمينار کي خطا?? ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری